سون جي اگهه ۾ مسلسل لاٿ، اڄ به سستو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون پنج سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 41 هزار 7 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 429 رپيا لاٿ بعد 2 لک 7 هزار 219 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ست ڊالر واڌ بعد 2322 ڊالرز آهي.
پاڪستان ۾ سون جي عالمي قيمت 20 ڊالر پريميم شامل ڪري 2342 ڊالر في اونس آهي.

#Gold #Goldrate #Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.