سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل 11 شهري بازياب نه ٿيڻ تي رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ چوڪري سميت 11ماڻهن جي بازيابي واري ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي .پوليس پاران عدالت کي ٻڌايو گذريل سال قائداعظم جي مزار تان عائشه نالي جي ڇوڪري گم ٿي هئي هو ملي وئي آهي .پوليس چيو ته چوڪري کي گهروارن جي حوالي ڪيو ويو آهي .عدالت جو ڇوڪري جي واپس اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو .۽ درخواست اڪلائي ڇڏي آهي .عدالت قانون جي موجب جوابدارن جي خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو آهي .عدالت ٻين شهري جي حوالي سان 22آگسٽ تائين اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .جڏهن ملير جي علائقي مان گم ٿيل شهري وسيم جي ٿاڻي ساحل پاران گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.