پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان نه ڏيڻ تي برطانوي هاءِ ڪمشنر جي تنقيد نامناسب آهي\سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان (ايس سي پي) جي رجسٽرار برطانوي هاءِ ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو. رجسٽرار هي خط چيف جسٽس آف پاڪستان جي هدايتن تي لکيو آهي، جيڪو عاصمه  جهانگير ڪانفرنس ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جي تقرير جي تناظر ۾ لکيو ويو آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته برطانوي هاءِ ڪمشنر پاران پارٽي نشان بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تنقيد نامناسب آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽين ۾ جمهوريت بابت اليڪشن ايڪٽ 2017ع پارليامينٽ مان پاس ٿي چڪو آهي. خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جنهن سياسي پارٽي انٽرا پارٽي اليڪشن قانون جي حق ۾ ووٽ ڏنو ان پارٽي اليڪشن پاڻ نه ڪرائي.برطانوي هاءِ ڪميشن کي لکيل خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ به اهڙو ئي فيصلو ڏنو جيڪو قانون چوي ٿو، عدالتي فيصلي تي اوهان جي تنقيد مناسب ناهي. اچو ته نئو آبادي واري نسلي برتري واري سوچ کان پوئتي هٽون، برابري، امن ۽ انسانيت لاءِ اٿي بيهون. ، رجسٽرار خط ۾ لکيو ته اچو ته ايماندار رهون ۽ کليل جذبي سان ماضي جي غلطين جو اعتراف ڪريون، سپريم ڪورٽ پنهنجي ماضي جي غلطين جو اعتراف ڪري انهن جو تفصيلي ذڪر ڪيو. خط جي متن موجب سياسي پارٽين کي جمهوري بڻائڻ ۽ ذاتي آمريت کي روڪڻ لاءِ پارٽي چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي. قانون موجب جيڪڏهن سياسي پارٽي پارٽي اليڪشن نه ڪرائي ته اها چونڊ نشان جي اهل ناهي .خط ۾ چيو ويو آهي ته بادشاهه چارلس III جي حڪومت کليل معاشري ۽ جمهوريت جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، توهان جي ملڪ جي عوام لاءِ کليل آزادي ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجي خواهش ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.