سنڌ جي گورنر پاران اسڪولن ۾ ٻارن کي مفت کير ۽ نيرن ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر )سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته هن وقت ڪيترائي اهڙا ٻار آهن جيڪي ناشتي کانسواءِ اسڪول وڃن ٿا، هاڻي ڪوشش ڪنداسين ته ڪو به ٻار بکيو اسڪول نه ويندو۔ هن چيو ته وس وارن  کي تعاون جي اپيل ڪريان ٿو ته هن خير مهم ۾ پنهنجو حصو وجهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ڪامران خان ٽيسوري وڌيڪ چيو ته هاڻي اسان ايندڙ مرحلي ۾ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به آءِ ٽي ڪورس ڪرائڻ وارا آهيون ۽ اهو سڀ ڪجهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي هدايت تي مولانا بشير فاروقي جي سهڪار سان ڪري رهيا آهيون. ان حوالي سان مان ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ مولانا بشير فاروقي جو شڪريو ادا ڪيان ٿو۔ گورنر سنڌ چيو ته آءِ ٽي ۽ فوڊ سڪيورٽي تي پهريون قدم کنيو ويو آهي۔ هاڻي اهو سلسلو هتي ئي نه رڪندو پر ان کي ٻين علائقن ڏانهن به وڌايو ويندو ان حوالي سان ايندڙ هفتي ويب سائيٽ به لانچ ڪئي ويندي ته جيئن اهو منصوبو ٻيا اسڪول به رجسٽرڊ ڪيا وڃن۔ ڪراچي جي 10 اسڪولن کي ماڊل اسڪول بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي گورنر سنڌ چيو ته انهن اسڪولن ۾ ٻارن کي تعليم، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين سان گڏ طبي ۽ ٻيون سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته گورنر هائوس ۾ جاري آءِ ٽي ڪورسز سان نوجوان اڄ ڊالرن ۾ ڪمائي رهيا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته مان مولانا بشير فاروقي ۽ گورنر سنڌ کي شاندار ڪم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جيڪي ٻار اسڪول نه پيا وڃن انهن کي به خوراڪ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ اسان کي تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا بشير فاروقي چيو ته سنڌ جو گورنر جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي اهو شايد ئي هن وقت ڪو ٻيو ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.