ڪراچيءَ کان ڪي پي تائين ڇتي گرمي، سنڌ ۾ 5 ڄڻا فوت، لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

ڪراچي/ اسلام آباد (رپورٽر/ بيورو/ م ڊ)  ملڪ جا  اڪثر علائقا هن وقت سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي کان خيبر تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. ڪي پي ۾ لوڊشيڊنگ سبب شهرين لنڊي ڪوتل گرڊ اسٽيشن تي ڌرڻو هنيو. ڪاوڙيل ماڻهن گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي اتي ڌرڻو هنيو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.پشاور ۾ مظاهرو ڪندڙن موٽر وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته علائقي ۾ لوڊشيڊنگ 20 ڪلاڪن کان به وڌي وئي آهي. گلگت بلتستان جي علائقي چلاس ۾ به اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ڪيترن ئي هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ۽ واپارين پاران شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي. بلوچستان جي علائقي نصيرآباد ۾ 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا. اوستا محمد ۾ شهرين ٽائرن کي ساڙي احتجاج ڪري انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. ملتان ۾ 48 ڪلاڪ کان ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ جاري آهي. سنڌ جي مٽياري ضلعي ۾ 12 کان 18 ڪلاڪن تائين بجلي ناهي، حيدرآباد سميت سنڌ جي 9 ضلعن ۾ انٽرميڊيٽ جي امتحانن دوران ڪيترن ئي سينٽرن تي لوڊشيڊنگ سبب شاگردن لاءِ امتحان ڏيڻ مشڪل بڻجي ويو. ڪراچي ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 41.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، اهڙي سخت گرمي ۾ به شهر جي مختلف علائقن ۾ 10 ڪلاڪن کان بجلي غائب آهي.

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر نمائندا (نمائندا) ڪراچي ۾ ڪالهه هلندڙ سال جو گرم ترين ڏينهن رهيو. گرمي پد 42 ڊگري تائين  پهتو، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ 51 سيڪڙو گرمي پد رهيو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ شهر ۾ گرمي پد ۾ واڌ جا امڪان آهن، شهر ۾ گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.  اسلام ڪوٽ شهر ۾ شديد گرمي جي لهر پيدا ٿيڻ ڪري 8 ڄڻا بيهوش ٿي پيا،جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو،سخت گرمي سبب بيهوش ٿيلن کي اسپتال پهچايو ويو،مليل رپورٽن موجب ته اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب مريضن کي پريشاني جو مُنهن ڏسڻو پيو. خير محمد آريجا سميت  باقراڻي تعلقي جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن باقراڻي  رشيد وڳڻ پٺاڻ ڳيريلو مڏباھو نئين گڏ دولت کوکر هٽي اوٺا چوڪ پراڻو آباد ۽ ٻين ڳوٺن ۾ شديد گرمي هيٽ اسٽروڪ هئڻ باوجود واپڊا سيپڪو ڏوڪري ۽ باقراڻي جي انتظاميا وزير اعظم جي ڪيل حڪم کي به ٿڌي ڇڏيو. ٽنڊو محمد خان ۾ گذريل ڪجھ ڏينهن کان گرمي ۾ تيزي سان شدت جي لهر وڌي وئي آهي جنهن ۾ 47 سينٽي گريڊ گرمي جي درجي کان به اڳتي گرمي شدت اختيار ڪرڻ سبب شهر جي ٽالپر ٽيڪسٽائيل مل ڪالوني جو رهواسي 35 سالا نوجوان اسلم ميمڻ شهر مان برف وٺي پنهنجي گهر پهچڻ کان برف جي ٿڌي پاڻي جو گلاس پيئڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو ، سندس اوچتي فوتگي سبب گهر ڀاتي پريشان ٿي کيس اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي جنهن جي بعد لاش کي اسپتال مان واپس پنهنجي گهر آندو ويو. سن ۾ قهر جي گرمي، ٻن معصوم ڀائرن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، انتظاميا تحرڪ نه ورتو. يوسي شالماڻي جي جابلي علائقي ۾ رهندڙ ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت بجلي ۽ صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب رهواسين جو جيئڻ عذاب بڻيل آهي. ٻن ڏينهن جي اندر ٻن معصوم ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، گذريل ڏينهن يوسي شالماڻي جي  ڳوٺ داد محمد کوسو ۾ مسجد جي پيش امام عبدالواحد گبول جا ٻه معصوم پٽ 12 ورهين جو علي شير گبول ۽ 10 ورهين جو راشد گبول سخت گرمي لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويا. جن کي وارث سن ۽ تعلقا اسپتال مانجهند ۾ علاج جون سهولتون نه هجڻ سبب سيوهڻ اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته ٻئي ڀائر رستي ۾ فوت ٿي ويا. ساڳئي يوسي جي ڳوٺ عظيم کوسو جو رهواسي پيرسن امير بخش کوسو جيڪو ڪم ڪار سانگي گھر کان ٻاهر نڪتو ته گرمي لڳڻ سبب بيهوش ٿي ڪري پيو جنهن کانپوءِ ترت پاڻي نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. هوڏانهن 50 ورهين جو پيرسن جنگلي کوسو پڻ پيشاب ڪرڻ جي لاءِ ٻاهر نڪتو ته گرمي سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جابلو علائقن ۾ گرمي پد وڌي وڃڻ جي ڪري وڏا جبل تپي باھ ٿي ويا آهن انتظاميا طرفان  رهواسن کي بجلي پاڻي نه ملڻ جي ڪري ڳوٺاڻن سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڳوٺاڻن، قابل کوسو، ڀورو کوسو، شاهنواز کوسو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا تاريخي ئي قديمي ڳوٺ آهن سالن کي انهن جابلو علائقن ۾ اسان رهو پيا، اسان جا ڳوٺ وڏي وزيز سيد مراد علي شاھ جي اباڻي تڪ ۾ آهن پر افسوس جو وڏي وزير سميت هن تڪ مان  چونڊيل نمائيندن اسان رهواسين کي ڪا به بينادي سهولت ناهي ڏني. ٽنڊو محمد خان ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، ڪيترائي شهري گرمي سبب بيهوش ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.