سنڌ جو عوام سرداري نظام خلاف بغاوت ڪري رهيو آهي:ام رباب

سکر(رپورٽر) سنڌ جي بهادر نياڻي ام رباب چانڊيو  سکر پريس ڪلب پهتي ۽ پنهنجو ڪتاب ”انقلاب جي اذان“ متعارف ڪرايو، هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ سيڪريٽري فنانس لالا اسد  پٺاڻ کي پنهنجو ڪتاب تحفي ۾ ڏنو.  ان موقعي تي آصف ظهير خان لوڌي، امداد بوزدار ۽ سحرش کوکر ۽ ٻيا صحافي پڻ موجود هئا. ام رباب چيو ته سنڌ ۾ سرداري،جاگيرداري نظام هڪ وائرس وانگر پکڙجي ويو آهي، پر سنڌ جو عوام اهڙي ظالماڻي نظام خلاف آهستي آهستي بغاوت ڪري رهيو آهي ۽ جڏهن انقلاب جو سڏ ايندو آهي ته ظلم جو شڪار عوام ٻاهر نڪرندو آهي سنڌ ۾ ان ظالماڻي نظام خلاف آواز اٿارڻ وارن کي قتل ڪيو ويندو آهي، چاهي اهو صحافي هجي يا عام ماڻهو.هن تجويز ڏني ته 17 جنوري کي جاگيرداري نظام خلاف ڏينهن طور ملهايو وڃي، جنهن تي سنڌ جي مظلوم عوام کي ٻاهر نڪري ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي. ام رباب وڌيڪ چيو ته جيڪو به انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ان جي زندگي هميشه داءَ تي لڳندي آهي اهڙي طرح منهنجي زندگي به داءُ تي لڳل آهي پر مان خاموش نه ويهندس ڇو ته سنڌ جو عوام مون سان گڏ آهي جنهن کي ڏسي مون کي حوصلو ملي ٿو. هن پنهنجي ڪتاب بابت چيو ته هي ڪتاب منهنجي انصاف لاءِ ۽ نادرشاهي نظام خلاف جدوجهد جي ڪهاڻي آهي ۽ هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي تجويزون شامل ڪيون آهن، جيڪي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.