ملڪ رياض جو گهيرو تنگ، نيب جو بحريا ٽائون راولپنڊي آفيس تي ڇاپو

راولپنڊي(م ڊ)190 ملين پائونڊ ڪيس جي سلسلي ۾ نيب سرگرم ٿي وئي،  بحريا ٽائون  راولپنڊي جي آفيس تي نيب جي ٽيم پنجاب پوليس سان گڏ ڇاپو هنيو،ڇاپو القادر ٽرسٽ يونيورسٽي جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ هنيو ويو،نيب ٽيم بحريا ٽائون جي عملي کان پڇاڳاڇا ڪئي ۽ آفيس سيل ڪري ڇڏي،نيب جو چوڻ آهي ته القادر يونيورسٽي ٽرسٽ ڪيس ۾ لاڳاپيل دستاويز حاصل ڪرڻ لاءِ ڇاپو هنيو ويو،نيب ذريعن موجب نيب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان منصوبابندي ۾ لڳل هئي،بحريا ٽائون راولپنڊي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ڪو به سهڪار نه ڪيو،ملڪ رياض 458 ڪنال ايراضي القادر ٽرسٽ يونيورسٽي لاءِ ڏني هئي، جڏهن ته نيب ترجمان برج لال دوساني ڇاپي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي،بحريا انڪليو جي زمين تي به جاچ شروع ڪئي وئي آهي،سي ڊي اي زمين چڙيا گهر لاءِ مختص ڪئي هئي،نيب رڪارڊ تحويل ۾ وٺڻ لاءِ ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،نيب جي ٽيم ڪيترائي ڪلاڪ آفيس ۾ موجود رهي، عملي جو چوڻ آهي ته اسان وٽ القادر ٽرسٽ جو رڪارڊ ناهي، اسان وٽ رڳو بحريا ٽائون جي پلاٽن ۽ گهرن جو رڪارڊ آهي،فيز 2 ۽ فيز 8 ۾ بحريا ٽائون جون آفيسون آهن،القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کان پڇاڳاڇا جاري آهي، 190 ملين پائونڊ جي رقم برطانيا کان پاڪستان منتقل ڪئي وئي جيڪا رياست پاڪستان کي واپس ڪرڻي هئي پر عمران خان جي حڪومت ۾ هڪ ڳجهي معاهدي تحت ملڪ رياض جي کاتي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ڏنڊ جي رقم طور جمع ڪرائي وئي.

لنڊن(رضا رومي+اعجاز احمد)بحريا ٽائون جو مالڪ ملڪ رياض اسٽيبلشمينٽ، حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ لڳو،حاضر سروس ۽ رٽائرڊ جنرلن جو آشيروارد رکندڙ بزنيس ٽائيڪون ڊبل گيم کيڏي 460 ارب جي معافي لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو، ماضي ۾ ملڪ رياض هڪ اخبار جي مالڪ کي اي سيون اسلام آباد ۾ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي گهر ويجهو هڪ گهر وٺي ڏنو هو،بعد ۾ مري روڊ تي آرچرڊ ٽائون ۾ 45 ايڪڙ تي فارم هائوس ٺاهي ڏنو ويو جنهن ۾ نارنگين جو باغ به شامل آهي،90ع واري ڏهاڪي ۾ ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف قومي اسيمبلي فلور تي ڳالهائيندي چيو هو ته منهنجي شهر سيالڪوٽ مان هڪ ماڻهو ملڪ رياض آيو آهي ان کي هينئر روڪيو نه ته اهو شخص پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو،30 سالن کانپوءِ خواجا آصف جا اهي لفظ درست ثابت ٿي ويا،جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ به ملڪ رياض جو نالو آيو هو،جنهن مان عمران خان کيس بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو، ملڪ رياض جو شيڊول اهو هوندو ته صبح جو نيرن نوازشريف سان ڪندو هو ته منجهند جي ماني آصف زرداري سان گڏ کائيندو هو،شام شهبازشريف سان گڏ گهمندو هو ته رات جي ماني عمران خان سان گڏ کائيندو هو،6 مهينا اڳ ملڪ رياض سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي ته مان معاشي طور تباهه ٿي ويو آهيان ان ڪري 460 ارب رپين جي ڏنڊ واري رقم معاف ڪئي وڃي،سپريم ڪورٽ اها درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، اليڪشن کان اڳ هن دبئي ۾ نوازشريف سان ملاقات ڪئي هئي،پنڊي ۾ به هن ملاقاتون ڪيون هيون، پنڊي ۾ کيس جواب ڏنو ويو ته اسان توهان خلاف ته انتقامي ڪارروايون نه ڪنداسين پر توهان کي ڏنڊ واري رقم سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻي پوندي،ان جي معافي نه ملندي،جڏهن ته ملڪ رياض جي خواهش هئي ته جي ايڇ ڪيو وچ ۾ پئي مٿس مڙهيل ڏنڊ واري رقم معاف ڪرائي،هاڻي اطلاع آهن ته ملڪ رياض ڊبل گيم کيڏي رهيو آهي، هڪ ته پي ٽي آءِ جا دوست کيس خاطريون پيا ڪرائن ته عمران خان جيل مان نڪري هن کي به ڪيسن مان آجو ڪرائيندو،ٻيو هو اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي ته 460 ارب جو ڏنڊ معاف ڪيو وڃي،جڏهن ته 190 ملين پائونڊ ڪيس الڳ آهي، پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري ۽ ملڪ رياض وچ ۾ هڪ فون ڪال ليڪ ٿيڻ واري ڏينهن کان آصف زرداري ملڪ رياض تي ڪاوڙيل آهي،انهن ٻنهي وچ ۾ هاڻي ڪو به رابطو ناهي، ان صورتحال ۾ ملڪ رياض هڪ تير سان ڪيترائي شڪار ڪرڻ چاهي ٿو،

  1. ملڪ رياض تي ڪو به دٻاءُ ناهي: عطا تارڙ

اسلام آباد(بي بي سي) بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض پاران سياسي دٻاءُ بابت بيان تي وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مان نٿو سمجهان ته ملڪ رياض تي ڪو دٻاءُ آهي،هو ڪيس ۾ جوابدار آهي،190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ ٻاهرين ملڪ ويهي ڳالهه نٿي ٿي سگهي،گذريل ڏيڍ ٻن سالن کان ان ڪيس ۾ ملڪ رياض حصو ئي ناهي، هو مفرور ۽ اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي،هن چيو ته دٻاءُ ته ان تي وڌو ويندو آهي جيڪو ڪيس جي ڪارروائي جو حصو هوندو آهي، جيڪڏهن هو واعدا معاف گواهه بڻجڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو چئي رهيو آهي ته هو ته عدالت ۾ پيش ئي ناهي ٿيو، هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس پاڪستان ۾ ڪرپشن جي وڏن ڪيسن مان هڪ آهي، پر ڇو ته ملڪ رياض وٽ پئسو آهي، اثر رسوخ آهي ان ڪري ڪيس هلڻ نه پيو ڏنو وڃي، مان ته چوندس ته دٻاءُ ملڪ رياض پاران وڌو پيو وڃي، هن چيو ته ملڪ رياض هاڻي هڪ سياسي جماعت(پي ٽي آءِ) سان گڏجي قوم جي لٽيل پئسن تي وضاحتون ڏئي رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ ان جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهي آهي، هوڏانهن پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته عمران خان خلاف القادر ٽرسٽ ڪيس سميت 203 ڪوڙا،بوگس ۽ سياسي مقصدن تي  ٻڌل ڪيس قائم ڪيا ويا،ملڪ رياض جو جاري ڪيل بيان ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عمران خان خلاف الزام لڳائڻ لاءِ نه رڳو سياستدانن بلڪه ججن، صحافين، وڪيلن، واپارين ۽ هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي،

  1. ملڪ رياض جا ڊي ايڇ اي سان 200 ارب جي ڊيل جا اطلاع

اسلام آباد(آصف بشير چوڌري) ملڪ رياض ڪڏهن به ڄمي ناهي بيٺو ،سندس تازي بيان مان لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ مان هن کي ڪنهن نه ڪنهن جو سهارو ضرور هوندو،هو دبئي،جرمني ۽ ترڪي پئسو منتقل ڪري چڪو آهي،معاملا طئي ٿيڻ بعد هو فيبروري ۾ واپس اچي رهيو هو کيس چيو ويو ته توهان ٽريپ ٿي رهيا آهيو جنهن بعد هو ايئرپورٽ تان ئي واپس هليو ويو، اطلاع آهن ته 200 ارب جي ڊيل ٿي رهي آهي،جون ۾ ملڪ رياض واپس اچڻ وارو آهي، ملڪ رياض جا ڊي ايڇ اي سان معاملا طئي ٿي رهيا هئا،هينئر هن جيڪو بيان ڏنو آهي ان ۾ هن پاڻ کي نظرياتي بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،اصل ڳالهه ايئن ناهي،هو رڳو  پنهنجا معاملا سڌا ڪرڻ چاهي ٿو، ملڪ رياض سياستدانن، اسٽيبلشمينٽ، صحافين، ججن کي پنهنجي کيسي ۾ کڻي هلندو آهي،ملڪ رياض 460 ارب ڦٻائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پاڻ کي ڊيفالٽ ڄاڻايو آهي.

  1. ملڪ رياض جي سڀ ڪجهه وائکو ڪرڻ جي ڌمڪي واري آڊيو

اسلام آباد(ارشاد ڀٽي) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾  بحريا ٽائون راولپنڊي جي آفيس ۾ 9 ڪلاڪ تائين موجود رهي، نيب کي ته حسن نواز کان به پڇاڻو ڪرڻ گهرجي، لنڊن ۾ ون هائيڊ پارڪ ملڪ رياض حسن نواز کان خريد ڪيو هو،مريم نواز جي هڪ ويجهي مائٽ ملڪ رياض تي دٻاءُ وڌو هو ته حسن نواز جي پراپرٽي جيڪڏهن توهان ٻيڻي اگهه تي خريد ڪندا ته توهان جون مشڪلون آسان ٿي وينديون جنهن بعد نيشنل ڪرائم ايجنسي حرڪت ۾ اچي وئي، 20ملين پائونڊ واري شئي 40 ملين پائونڊ ۾ ڪير خريد ڪري رهيو آهي؟پوءِ جاچ شروع ٿي وئي،پئسا منجمد ٿي واپس پاڪستان پهچي ويا ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا، اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس  ۾ آصف زرداري ملڪ رياض کي واعدا معاف گواهه بڻجڻ تي راضي ڪرڻ لاءِ دبئي ۾ موجود آهي، جڏهن ته ملڪ رياض جي هڪ آڊيو جو به ذڪر آهي جنهن ۾ چئي رهيو آهي ته جنهن ڏينهن مان زبان کولي پاڪستان ۾ زلزلو اچي ويندو،توهان ڄاڻو ٿا ته اهو ايندو،جيتري مون کي خبر آهي جيڪڏهن انهن مون کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئي ته مان سڀ ڪجهه وائکو ڪري ڇڏيندس، مان پهرين اهو رڪارڊ ڪري رکيو آهي، مان اڃا تائين به ملڪ جي ترقي چاهيان ٿو،مون کي مجبور ٿي زندگي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هر ڳالهه هر شئي وائکي ڪري رکندس

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.