فوج ۾ ڳجهي اداري سميت اهم تبديلين جا امڪان

اسلام آباد/لاهور (اسد طور+معظم فخر) پاڪ فوج ۾ وڏي پئماني تي اعلي’ سطحي تبديلين جا امڪان آهن. آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ۽ ڊي جي سي ميجر جنرل فيصل نصير ۾ اختلاف پئدا ٿي ويا آهن. عدليه ۽ ادارن ۾ هلندڙ تڪرار ۽ ٻين سببن جي ڪري ايندڙ هڪ مهيني اندر تبديلي اچي سگهي ٿي. آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم اڪيلو ويندو يا ميجر جنرل فيصل نصير به وڃي ٿو. ڊي جي سي فيصل نصير کي تبديل ڪرڻ جو گهڻو امڪان آهي. ان سان گڏ لاهور کانسواءِ باقي سيڪٽر ڪمانڊر به تبديل ٿيندا. ڇو ته نئون ڊي جي سي پنهنجي ٽيم آڻيندو. آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل نديم انجم کي گذريل سال ڊسمبر ۾ مدو پورو ٿيڻ تي سندس نوڪري جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي هئي. هاڻي مدو پورو ٿيڻ تي هو گهر ويندو. ليفٽيننٽ جنرل شاهد امتياز کي نئون آءِ ايس آءِ سربراهه بڻائڻ جو امڪان آهي، هو اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو ويجهو ليکيو وڃي ٿو. هو ايندڙ آرمي چيف جي ڊوڙ ۾ سينيارٽي جي لحاظ کان پنجين نمبر تي هوندو. انهن تبديلين سان عدليه بابت گرما گرمي گهٽجي سگهي ٿي پر پي ٽي آءِ بابت فوج جي پاليسي ۾ تبديلي نه ايندي.ڳجهن ادارن ۾ ٻن طاقتور پوزيشن تي رهندڙ ٻن اهم آفيسرن کي اهم پوسٽنگ ڏني ويندي،فارميش ڪمانڊرز جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس شروع ٿي ويو آهي،ڳجهي اداري ۾ نئين مقرري سان اڳرائي واري پاليسي ۾ وڌيڪ شدت جو امڪان آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 29 مئي 2024 تي شايع ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.