ملڪ ۾ سخت ترين گرمي باوجود 18 ڪلاڪ بجلي بند، شهري سراپا احتجاج

ڪراچي/اسلام آباد/ پشاور( رپورٽر+ بيورو+ م ڊ) ملڪ ۾ گرمي سان گڏ بجلي جي لوڊشيڊنگ  به عروج تي آهي، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مدو 18 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي. پشاور ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ماڻهن احتجاج ڪيو، جنهن دوران مظاهرين موٽر وي ايم ون بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب روڊن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. احتجاج ڪندڙن اختيارين ڳالهين لاءِ نه اچڻ تائين روڊ کولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته لوڊشيڊنگ جو مدو ناقابل برداشت حد تائين وڌي ويو آهي.  ٻئي طرف ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان آهي، ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ اڌ رات کانپوءِ به لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 15 ڪلاڪن کان وڌي ويو، مختلف علائقن ۾ شهرين احتجاج ڪيو. لياري ميراناڪا ۽ ٻين علائقن ۾ شهري رستن تي نڪري آيا. ٻئي طرف ڪيسڪو ڪوئيٽا ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 8 مان وڌائي 10 ڪلاڪ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته تربت، سبي، نصيرآباد ۽ جعفرآباد سميت ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ  ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي لوڊ مينجمينٽ ۽ بجلي چوري روڪڻ جي معاملي تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ توانائي واري وزارت بجلي چوري ۽ لوڊشيڊنگ تي گڏيل طور تي بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صرف خساري ۾ هلندڙ فيڊرز تي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. جنهن تي وزيراعظم چيو ته بجلي جي چوري کي روڪڻ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي اهي پنهنجي ذميواري پوري ڪن ۽ عوام کي رليف ڏين، بجلي جي چوري ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. بجلي چوري جي خلاف مشن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين ۽ بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪنداسين.اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته ذاتي طور تي بجلي  جي چوري کي روڪڻ ۽ اڳڀرائي جو ماهوار جائزو وٺندس. صوبائي حڪومتون قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بجلي چوري خلاف مهم ۾ مدد ڪن، بجلي چوري جي خلاف سمورا حڪومتي ادارا پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀائين بجلي جي اوور بلنگ قطعي طور تي نه ٿيڻ گهرجي.اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ان جي طرفان ڪي پي ڪي ۾ بجلي چوري روڪڻ جو يقين ڏيارڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان اڳڀرائي جي تعريف ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گرمي جي شدت سبب  عوام کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان ڪري نقصان ۾ هلندڙ فيڊرز تي به لوڊشيڊنگ جو ٽائيم گهٽ ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.