شهيد نصرالله جي خون سان انصاف لاءِ ڪراچي کان ڪمون تائين سنڌ سراپا احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ تحريڪ امن سنڌ پاران وائيس چيئرمين حبدار علي جلباڻي، ڪورنگي جي صدر شمشاد علي ڏيرو،بلاول خان،ملير ضلعي جي صدر عمران علي سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ڪورنگي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪنڌ  ڪوٽ ۾  حسين بخش سومرو، سيد رشيد شاھ، اظھر علي سنجراڻي، عرفان علي لاشاري، عابد علي کوسو، علي نواز شيخ احسان سبزوئي، حاڪم گولو، فاروق ملڪ، بڊاڻي ۾ سوشل ورڪرن دانش شاھ، اصغر سنڌي، مهراڻ سنڌي، عامر مڙل، لطيف سنڌي دادو ۾ ھيومن رائيٽس ڪائونسل پاڪستان پاران محمد ايوب سولنگي، عديل شاھ، فياض احمد ڏاوڇ، غوث بخش برھماڻي شعبان علي شاھاڻي، منير پنھور، شاھجھان ڏاوڇ، امير بخش چانڊيو ، ڏهرڪي ۾  اياز کھاوڙ، امتياز نائچ، شعيب سنڌو، شاھنواز مسافر پتافي ، اظھر علي ، شھزاد ڏھر، فدا ملڪ، نوبت ناز ڏھر، عامر جان ملڪ، زاھد علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھري ۾ شريڪ مظاھرين سردار ماء فوٽ ،ڀوتار ماء فٽ جي زوردار نعريبازي ڪئي. ڪشمور ۾ دليپ ڪمار ڪيسواڻي، غلام فريد ڄامڙو ، محمد شريف ڄامڙو ، گلزار مغل، ماجد علي مزاري، احمد علي سيال، تاج کوسو، ڄام اصغر چاچڙ، راڪيش مڪريجا، اصغر چانڊيو  کيبر لڳ کنڊو اسٽاپ تي  فدا حسين سولنگي، خالد حسين سولنگي، مولانااسدالله کهڙو،حاجي صاحب ڏنو ورياھ، ميرحسن مري،ڪوٽ ڏيجي ۾ ثناء الله بگٽي، امان الله بگٽي انيل ڪمار واڌواڻي، سجاول ۾ منظور احمد ميمڻ ڪئي، فقير اسماعيل کتري، گلشير ميربحر، شھباز حسن ميمڻ، حنيف ملاح. محمد خان تارڙو. جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، ضلعي صدر نظير لغاري، ڊاڪٽر هوت چند، ايس ٽي پي اڳواڻ ممتازلغاري. دادا سنڌي. حاجي ملاح. ممتازساند.عبدالغفورميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.