شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جو ڪيس داخل، سردارن، ڀوتارن کان پڇاڻو ٿيندو

گهوٽڪي( رپورٽ: آزاد مهر)ميرپورماٿيلو جي عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي امڙ جي فرياد تي ڪرائم نمبر 133.2024. تحت ٻن نامعلوم ماڻهن مٿان قتل جو ڪيس داخل ٿي ويو،ڪيس ۾ تر جي  سردارن ۽ ڀوتارن کان ڪيس بابت جاچ ڪري پڇاڻو ڪيو ويندو،جڏهن ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي ڌريون پڻ سراپا احتجاج بڻيل آهن، خبرموجب شهيد نصرالله گڏاڻي جو ٽيجهو سندس ابائي ڳوٺ قبول خان  گڏاڻي ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ علائقي واسين سميت سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي شهيد جي درجات جي بلندي لاءِ خيرات جو اهتمام پڻ ڪيو ويو، هوڏانهن شهيد نصرالله گڏاڻي جي مٿان حملي واري واقعي کي هڪ هفتو گذري وڃڻ کان پوءِ شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ مائي پٺاڻي خاتون ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي پهچي ٻن نامعلوم ماڻهن مٿان ڪرائم نمبر 133.2024 قلم 302.34.337.120B.506 تحت ايف آئي آر داخل ڪرائي ڇڏي ايف آءِ آر ۾ علائقي جي سردارن ۽ ڀوتارن کان ڪيس بابت جاچ ڪري پڇاڻو ڪيو ويندو،داخل ڪيل ڪيس ۾ شھيد جي ماءُ فريادڻ مسمات پٺاڻي خاتون موقف ڄاڻايو آھي ته پٽ نصرالله گڏاڻي هميشه حق سچ لکندو ۽ ڳالهائيندو هو جنهن سبب علائقي جا سردار ۽ ڀوتار توڙي وڏيرا هن جا مخالف هئا جن سازش ڪري هن کي قتل ڪرايو آھي، هوڏانهن ڳڙھي چاڪر جي لاٽڪي برادري جي عورتن گهوٽڪي پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي دانهيو آھي ته گهوٽڪي پوليس شهيد نصرالله گڏاڻي جي واقعي ۾ اسان کي ناحق ڦاسائڻ جي ڪوشش پئي ڪري جنهن ڪري گهرن تي چڙھايون ڪري اسانجي نوجوان نثار لاٽڪي سميت چار ڄڻن کي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو آھي، هوڏانهن پوليس ذريعن جو چوڻ آھي ته شهيد نصرالله گڏاڻي واري واقعي ۾ پنجاب مان به گرفتاري ڪئي وئي آھي جن کان جاچ هلندڙ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.