ماحولياتي دهشتگردي ۽ غريب ملڪ

تحرير: رياض ابڙو 

هڪ سروي مطابق روايتي زرعي طريقن سبب زمين جي وڏي تباهي ٿي رهي آهي، ۽ سالياني پاڻيءَ جي انتهائي کوٽ سبب آبي جيوت به شديد تباهيءَ جو شڪار رهي ٿي. تازن انگن اکرن مان ظاهر ٿو ٿئي ته پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي في ڪس (في ماڻهو) دستيابي 2021 کان وٺي رڳو 1017 ڪيوبڪ ميٽر تائين رهندي آئي آهي، جيڪا ڏينهون ڏينهن گهٽبي رهي ٿي. ان ڪري ته ملڪ تي آبادي جو وڏو دٻاءُ آهي، جنهن جي ڪري وسيلن جي کوٽ ٿي ٿئي ۽ رياست ۾ ايترو دم ناهي ته اها ماڻهن جي بنيادي سهولتن تي ڪو خاطرخواه ڌيان ڏئي (يا ڏئي به سگهي) ان ڪري هي رياست هر ڳالھه جي لاءِ  عالمي برادري ڏي هٿ ٿي ٽنگي ۽ ٻين ملڪن سميت ملڪي باشندن کي اهو بانور ٿي ڪرائي ته ان ۾ ڏوھ رڳو ترقي يافتا ملڪن جو آهي جو اهي غريب ملڪن جي ترت امداد نه ٿا ڪن، ان ڪري غريب ملڪ شديد معاشي ۽ سياسي دٻاءَ جو شڪار رهندا ايندا جنهن جي ڪري زندگي جي شرح (لائيف انڊيڪس) ۾ گهٽتائي ايندي رهندي ۽ پاڪستان جهڙي رياست ڪجھه ڪرڻ کان لاچار آهي.

مصيبت اها به آهي ته سالياني شديد برساتن ۽ ڪجهھ علائقن ۾ نهري پاڻي جي شديد کوٽ ۽ هٿراڌو ٽيوب ويلن جي هلڻ جي ڪري جَرَ جو پاڻي حد کان وڌيڪ گهڻو هيٺ لهي ويو آهي ۽ ان جي سطح گهڻي گهري ٿيندي رهي ٿي، جنهن جي ڪري روايتي هاري گهڻو متاثر رهي ٿو. خاص ڪري ساريالي ۽ ڪمند جا پوکاري گذريل سالن کان پنهنجن فصلن جي پوک لاءِ  وڏي پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪو گذريل ڏهاڪن کان وٺي وڌيڪ بدتر ٿيندو رهي ٿو، جنهن جي گهٽائي نه رڳو ماحولياتي تباهيءَ ۾ حصو وڌايو آهي، پر ساريالي ۽ ڪمند جهڙي پوک کي انتهائي نقصان به پهچايو آهي، جنهن سبب هاري معاشي تباهي کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ٻيو سبب اهو به آهي ته پاڻيءَ جا زخيرا هوندي نه شڪر جا آهن، معني نه دشمن کي ڀوءُ نه دوست کي آسرو، جنهن جي ڪري پاڻي جي شديد کوٽ رهي ٿي ۽ زمين هڪ مدت تائين سوڪهڙي ۾ هلي ٿي وڃي، جيڪي سبب ماحولياتي اثرن کي پڻ وڌائين ٿا. اهڙن شديد پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ  هڪ پائيدار زرعي طريقن ڏانهن شفٽ ٿيڻ جي ضرورت آهي. جهڙوڪ پاڻيءَ جو موثر ۽ صحيح استعمال، نامياتي زراعت جا طريقا ۽ فصلن کي پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري نون طريقن سان پوکڻ، زمين جي استعمال ۽ پوکن کي بحال ڪرڻ وغيره وغيره جنهن طريقن کي بهتر ۽ نون نمونن سان استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ پاڻيءَ کي وڌيڪ محفوظ به ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان پوکن ۽ آبي جيوت کي به تباهيءَ کان بچائي سگهجي ٿو، ساڳئي طرح فطرت جي تحفظ ۽ بحالي کي به ممڪن بڻائي سگهجي ٿو.

ڪاٺ جي وڌيڪ استعمال جي ڪري ٻيلا وڌڻ بجاءِ گهٽجن ٿا ڇو ته رهائشي اسڪيمن جي ڪري ڪاٺ جي ڪٽائي ۽ بدلي ۾ وڻن جي پوکائي گهٽ ٿئي ٿي، جنهن سبب ٻيلن جي اوڌ ۾ انتهائي گهٽتائي آئي آهي. هونءَ ٻيلا ملڪ جي رڳو 5.7 سيڪڙو ايراضي تي پکڙيل آهن، پر ساڳي جاءِ تي ٻيلا تيزيءَ سان زوال پذير به ٿي رهيا آهن. هڪ ته رهائشي اسڪيمون ۽ ٻيو ته زرعي زمينن جي ڪري ٻيلن جي واڍي ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري بارشن جي گهڻائي ۽ سوڪهڙي ۾ واڌ ٿيندي رهي ٿي ۽ ملڪ هڪ موسمياتي تباهيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي. تجارتي سرگرمين جي شديد دٻاءُ ۽ وڌاءَ، فيڪٽرين جي وڌندڙ دونهين، ٽريفڪ جي وڌيڪ پِيھهَ، رهائشي اسيڪمن جي گهڻائي، عمارت جي لاءِ  ڪاٺ جي وافر فراهمي ۽ شهري آباديءَ جي وڌندڙ رجحانن جهنگن ۽ ماحولياتي نظام کي سخت متاثر ڪيو آهي. جنهن جي ڪري آبي وسيلن جي کوٽ ۽ ساون گاھن جي ميدانن ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن جي بحالي ۽ تحفظ تي هڪ ترت پلان ۽ توجهھ جي ضرورت آهي ۽ ٻيو ته وڻن جي پوکائي ۽ هٿرادو ٻيلن جي به سخت ضرورت آهي، جنهن جي اوڌ تي حڪومت سيڙپڪاري ڪري. حڪومت صنعتي پکيڙ ۽ هائوسنگ اسڪيمن جي وڌاءَ تي پڻ حڪمت عمليون تيار ڪري، جيڪي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هونءَ تاريخي طور تي پاڪستان اندر ماحولياتي گدلاڻ هڪ غيرمنظم صنعتي ترقي ۽ شهري توسيعي اسڪيمن جي ڪري هر سال ماحولياتي تباهيءَ جو هڪ اڻٽر سبب پڻ بڻبي رهي آهي، جنهن جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۽ ججهي انداز ۾ رهائشي اسڪيمن جي واڌ ڪاربن جي اخراج ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ ماحولياتي گدلاڻ کي پڻ وڌايو آهي.

ٻيلا برسات جي ضابطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ان ڪري وڻن جي گهڻائي موسمي ضابطي کي فعال ڪري ٿي ۽ برساتن جو تناسب به بهتر ڪري سگهي ٿي، جنهن سان مون سون جو اسپيل برقرار رهي ٿو ۽ ان جي ڦيري ۽ سائيڪل ۾ بگاڙ نه ٿو اچي. جو ڪڏهن گهڻيون بارشون ته ڪڏهن گهٽ يا جٿي بارشون نه ٿينديون هيون اتي ٻوڏن ٿيون اچن ۽ جتي ٻوڏن اينديون هيون اتي سوڪهڙو ٿي ٿو پئي. حقيقت ۾ ”اميزون“ جهڙا ٻيلا بنيادي طور تي آبهوا کي پنهنجي حياتياتي عملن ذريعي برقرار رکن ٿا، اهڙو ٻيلائي ماحولياتي تصور پاڪستان جي ماحولياتي صورتحال تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو. بين الاقوامي موسمياتي امدادن تي ڌيان ڏيڻ يا مهل سان حاصل ڪرڻ جڏهن ته فائديمند ٿي سگهي ٿو، جيڪا امداد پاڪستان جي ماحولياتي بحالي تي هڪ محدود اثر رکي ٿي.

پر پاڪستان جي ماحولياتي بگاڙ يا صحت Amazon وانگي پنهنجي تحفظ ۽ استحڪام جي عملن کان متاثر آهي، ان ڪري اسان کي اندروني ڪوششن ذريعي ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، انهن کي سمجهڻ ۽ موجوده پاليسي فريم ورڪ کي بنيادي طور تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. توڻي جو ترت ضرورت صرف هڪ ماحولياتي پاليسي نه آهي، پر هڪ جامع زرعي سيڪٽر جي استعمال جي پاليسي پڻ آهي جيڪا پاليسي گهڻ رخي هجڻ گهرجي، جنهن ۾ زراعت، فطري ماحول جو تحفظ ۽ بحالي، صنعتي طريقا، ۽ هائوسنگ اسڪيمن جون حڪمت عمليون شامل آهن. پاڪستان جي تجويز ڪيل زمين جي استعمال جي پاليسي ۾ زرعي حڪمت عملي کي موجوده طريقن سان هلائڻ گهرجي جن قدرتي سرمائي کي خراب ڪيو آهي ڇو ته دنيا ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاربان جي اخراج جو ذميوار رڳو زرعي شعبو به آهي.

موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ  ماحول دوست ٽيڪنالاجي کي اپنائڻ، ٻيلن جي واڌاري ۽ گرين هائوس گيس جي اخراج کي گهٽائڻ جي لاءِ  عالمي پاليسين تحت ڪوششن جي ضرورت آهي. گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي سبب گليشيئر متاثر ٿي رهيا آهن ۽ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ  عالمي سهڪار جي ضرورت آهي ته جيئن انهن جي خراب اثرن کي گهٽائي سگهجي. آذربائيجان گذريل نومبر ۾ باڪو ۾ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائيميٽ چينج (COP29) جي پارٽين جي 29 هين ڪانفرنس ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي هئي ته عالمي ڪانفرنس جي نتيجي ۾ فنانس بابت نئون ”ڪليڪٽو ڪوانٽيفائيڊ گول“ مقرر ٿيندو جنهن سان ترقي پذير ملڪن کي موسمياتي مالياتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان ۾ لکين هيڪٽرن تي ٻيلا پوکيل آهن جيڪي پاڪستان کي ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ کان علاوه ماحول جي تحفظ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا ۽ سبزسيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪن ٿا، جيڪي موسمياتي تبديليءَ جي مختلف اثرن ۽ خطرن کي گهٽائي سگهن ٿا، ان ڪري رياست جي به اولين ترجيح هجڻ گهرجي اهي ان ڏس ۾ ڪم ڪن.

گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ گهٽ ۾ گهٽ حصو ڏيڻ جي باوجود، موسمياتي تبديلي جي تباهي واري اثرن جي حوالي سان پاڪستان هڪ غيرمتناسب خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ موسمياتي تباهين ۽ لاڳاپيل خطرن سبب پاڪستان 1 سيڪڙو تائين جي امڪاني سالياني GDP جو نقصان سهندو رهيو آهي. ان ڪري عالمي برادري موافقت، لچڪ ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي منصوبن ۾ اهم فنڊنگ ڪري ۽ غريب ملڪن سان تعاون جي اهميت تي زور ڏئي. موسمي تبديلين جا اثر زرعي سيڪٽر کي نقصان ڏئي رهيا آهن جيڪي ٻوڏ، طوفان ۽ گرمي جي لهرن جهڙا خطرا پيدا ڪري رهيا آهن.

ان ڪري رياست گرين سيڙپڪاري وارن منصوبن جي بهتر پورٽ فوليو جي ضرورت کي تسليم ڪري ۽ ان جي وڌاءَ جي لاءِ  عالمي برادريءَ تي به زور ڏئي. ان سان گڏوگڏ خانگي شعبن تي به ڀروسو ڪري، انهن تي به زور رکي ته اهي به ڀاڱي ڀائيواري ڪن ۽ سبزموقعن جي سيڙپڪاري جي اعتماد کي وڌائڻ لاءِ  حڪومت جي ڪوششن کي اجاگر ڪن. بين الاقوامي موسمياتي اثرن کي گهٽائڻ جي لاءِ  جديد اوزار استعمال ڪن. توڻي جو حڪومت جي ڪوشش جي نتيجي ۾ گذريل 10 مهينن دوران مختلف ميڪرو اڪنامڪ سيڙپڪارين ۾ نمايان سڌارا آندا ويا آهن، ان ڪري رياست اقتصادي استحڪام جو جائزو وٺي، جنهن ۾ مهانگائي ۾ گھٽتائي آڻي، زرعي شعبي جي مدد سان ”جي ڊي پي“ جي واڌ ممڪن ڪري، ”فارین رزروس“ ۾ اضافو آڻي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ واڌ جو رجحان آڻي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ جي خسارن ۾ متوقع گهٽتائي به آڻي. جنهن جي ڪري پاڪستان هڪ پائيدار معاشي ترقي ۽ استحڪام جي عزم جو ثبوت پڻ پيش ڪري ته رياست هاڻي ان ڏس ۾ ڀڙُ آهي. ان ڪري پاڪستان سيڙپڪارن کي درپيش چيلنجز کي به منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ۽ حڪومت ان عزم کي ورجائي ته عالمي سيڙپڪارن لاءِ  ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻايو ويندو ته جيئن اهي سيڙپڪار وڌيڪ گرين سيڙپڪاري ڪن، جنهن سان موسمي اثرن ۾ گھٽتائي آڻي سگهجي.

 

هائوس گيسن جي اخراج ۾ گهٽ ۾ گهٽ حصو ڏيڻ جي باوجود، موسمياتي تبديلي جي تباهي واري اثرن جي حوالي سان پاڪستان هڪ غيرمتناسب خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ موسمياتي تباهين ۽ لاڳاپيل خطرن سبب پاڪستان 1 سيڪڙو تائين جي امڪاني سالياني GDP جو نقصان سهندو رهيو آهي. ان ڪري عالمي برادري موافقت، لچڪ ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي منصوبن ۾ اهم فنڊنگ ڪري ۽ غريب ملڪن سان تعاون جي اهميت تي زور ڏئي. موسمي تبديلين جا اثر زرعي سيڪٽر کي نقصان ڏئي رهيا آهن جيڪي ٻوڏ، طوفان ۽ گرمي جي لهرن جهڙا خطرا پيدا ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.