فرنچ اوپن، اڳوڻو عالمي نمبر ون رافيل نڊال پهرئين ئي رائونڊ ۾ ايونٽ مان آئوٽ

پئرس (ويب ڊيسڪ ) فرنچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ اڳوڻو عالمي نمبر هڪ اسپين جو رافيل نڊال پهرئين ئي رائونڊ ۾ شڪست کائي ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو.
پئرس ۾ جاري فرنچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ جرمني جي اليگزينڊرز يورف اڳوڻي عالمي چيمپيئن کي اسٽريٽ سيٽس ۾ هارائي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
اليگزينڊرز يورف جي ڪاميابي جو اسڪور 6-3، 7-6 ۽ 6-3 رهيو.
واضح رهي ته رافيل نڊال سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ 14 ڀيرا فرنچ اوپن ٽورنامينٽ کٽي چڪو آهي.
ان کانسواءِ فرنچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز ۾ برطانيا جي اينڊي مُري کي واورينڪا شڪست ڏئي ايونٽ مان آئوٽ ڪري ڇڏيو.
واورينڪا جي ڪاميابي جو اسڪور 6-4، 6-4 ۽ 6-2 رهيو.
ٻئي پاسي ورلڊ نمبر ون اسپين جي ڪارلوس الڪاريز آمريڪا جي جَي جَي جي وولف کي هارائي ٻئي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
وومينز سنگلز ۾ جپان جي نائومي اوساڪا اٽلي جي لوسيا برانزيٽي کي شڪست ڏئي ٻئي رائونڊ ۾ جڳهه پڪي ڪري ورتي آهي.

RafaelNadal FrenchOpen Paris

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.