خواجا سعد رفيق نيب ترميمي آرڊيننس جي مخالفت ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق نيب ترميمي آرڊيننس جي مخالفت ڪري ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ 40 ڏينهن ڪرڻ جو قانون افسوسناڪ آهي، ان ڪاري قانون جي حمايت نٿي ڪري سگهجي، آرڊيننس واپس ورتو وڃي.
هن چيو ته ڪيترائي بي ڏوهه ان قانون جو شڪار بڻجي چڪا آهن، شڪي قانون سازي سدائين نامناسب رهندي آهي، نيب قانون هڪ آمر ٺاهيو، جنهن کي شرمناڪ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو.

khawajasaadrafique pmln nab

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.