ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سڀاڻي کان پهرين جون تائين شهر ۾ سخت گرمي ۽ هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سڀاڻي کان پهرين جون دوران هيٽ ويو جو امڪان آهي پر ان دوران تيز هوائون گهلنديون رهنديون.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ سڀاڻي کان موسم سخت گرم رهڻ جو امڪان آهي، اربع تي گرمي پد 40 کان 42 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي، خميس تي به موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهي سگهي ٿي، پارو 41 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
karachi heatwave heatstroke