” عورت هاڻ رڌڻي تائين محدود ناهي رهي“ ثانيا مرزا جي پوسٽ وائرل

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جو ويجهڙ ۾ عورتن بابت سان ڏنل بيان سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي.
ٽانيا مرزا کي سندس صلاحيتن ۽ ڪارنامن سبب مداح هڪ رول ماڊل قرار ڏيندا آهن ۽ هوءَ وقت به وقت عورتن جي حقن لاءِ به آواز اُٿاريندي رهندي آهي.
اڳوڻي ٽينس اسٽار جو خيال آهي ته عورتون رڳو خوبصورتي يا رڌڻي تائين محدود نه آهن.
انسٽاگرام تي شيئر ڪيل اسٽوري ۾ ثانيا مرزا پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جو معاشرو جيڪو مقام عورتن کي ڏيڻ چاهي ٿو عورتن جي اهميت ان کان وڌيڪ آهي.
ان کانسواءِ ثانيا مرزا اسٽوري ۾ پنهنجي هڪ انٽرويوءَ جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو جنهن ۾ سندس بيان لکيل آهي.
بيان موجب، عورتن کي رڳو اِها اميد نه ڪرڻ گهرجي ته کين رڳو خوبصورت نظر اچڻو آهي ۽ ماني پچائڻي آهي هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿيون.

SaniaMirza Women Soicalmedia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.