ايڇ اي سي گريجوئيٽ ايجوڪيشن پاليسي بابت اردو يونيورسٽي ۾ سيمينار

ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل ڪيو اي سي تحت ٻيو تربيتي ۽ آگاهي سيشن ٿيو جنهن جو عنوان ايڇ اي سي گريجوئيٽ ايجوڪيشن پاليسي 2023 هو.

اهو سيشن گلشن ڪيمپس ۾ ٿيو جنهن ۾ سليم حبيب يونيورسٽي جي ريگيوليٽري معاملن ۽ ڊائريڪٽر ڪيو اي سي سيد وقار الحسن شريڪ ٿيلن کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعليمي پاليسي 2023 جي اصولن ۽ ضابطن بابت آگاهه ڪيو.

ڊاڪٽر شبر رضا، ڊائريڪٽر ڪيو اي سي پروگرام کي خطاب ڪندي چيو ته هن تربيتي سيشن جو بنيادي مقصد اردو يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ لاڳاپيل آفيسن کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعليمي پاليسي 2023 بابت آگاهه ڪرڻو هو.

هن مقصد لاءِ سيد وقار الحسن کي خاص طور تي دعوت ڏني وئي جنهن کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين ريگيوليٽري ادارن سان ڪم ڪرڻ جو وسيع تجربو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته شريڪ ٿيلن کي درخواست آهي ته هو پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪن جنهن سان يونيورسٽي جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري طرفان ٺاهيل ڪاميٽي کي ايڇ اي سي انڊر گريجوئيٽ ۽ گريجوئيٽ پاليسي 2023 کي اختيار ڪرڻ ۾ مدد حاصل ٿي سگهي.

تربيتي سيشن ۾ انچارج گلشن ڪيمپس ۽ سائنس شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد زاهد پروگرام ۾ شرڪت تي حاضرين جا ٿورا مڃيا جڏهن ته تربيتي سيشن ۾ يونيورسٽي جي

شعبن جي ڊينز،ايسوسيئيٽ ڊينز، چيئرپرسنز، ڊپارٽمينٽز جي انچارجن ۽ آر ايم سي انچارج پڻ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.