ڪراچي ۾ جعلي پيٽرول ۽ ڊيزل ٺهڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪسٽم انٽيليجنس ۽ ٻين ادارن ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي جعلي پيٽرول ۽ ڊيزل ٺاهيندڙ گودام سيل ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب ڪراچي جي ضلعي ڪورنگي سيڪٽر 50 سي ۾ ڪسٽم انٽيليجنس ۽ ٻين ادارن ڳجهي اطلاع تيه ڪ گودام تي ڇاپو هنيو، جتي جعلي پيٽرول ۽ ڊيزل ٺهي رهيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇاپو هڻندڙ ٽيم وڏي مقدار ۾ جعلي پيٽرول، ڊيزل ۽ اليفاٽڪ هائڊرو ڪاربن سالوينٽ برآمد ڪري گودام سيل ڪري ڇڏيو.
ٽيم ڪارروائي ۾ 24 آئل ٽينڪس مان 4 لک 50 هزار 561 ليٽر جعلي پيٽرول ۽ ڊيزل برآمد ڪيو.
ذريعن موجب گودام مالڪ چئن سالن کان لائسنس جي تجديد نه ڪرائي هئي، جڏهن ته الفاٽڪ هائڊرو ڪاربن سالوينٽ کي پيٽرول ۽ ڊيزل جو مقدار وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.

petrol diesel karachi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.