ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جا سچا دوست هئا: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته مرحوم ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان جا سچا دوست هئا.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جو ايراني فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف سان ٽيلي فونڪ رابطو ٿيو، جنرل عاصم منير هيلي ڪاپٽر حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف 19 مئي تي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين اختيارين جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جا سچا دوست هئا.
هن سوڳوار خاندانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن.
ايراني چيف آف جنرل اسٽاف همدردي جو اظهار ڪرڻ تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيا، ايراني جنرل ٻنهي فوجن ۾ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.