ميرپورخاص(بيورورپورٽ) گھوٽڪي جي صحافي شهيد نصرالله جي شهادت تي ميرپورخاص پريس ڪلب ۽ ميرپورخاص سجرنلسٽ فورم جا ڌار ڌار تعزيتي اجلاس منعقد ڪيا ويا ميرپورخاص پريس ڪلب جو اجلاس صدر نظير پنهور جڏهن ته جنرلسٽس فورم جو اجلاس چيئرمين ڪامل ڪاظمي جي صدارت ۾ منعقد ڪيو ويو اجلاس کي خطاب ڪندي نظيرپنهور ۽ ڪامل ڪاظمي چيو ته صحافي نصرالله جو قتل صحافت جو قتل آهي سچي خبر جي پاداش ۾ صحافين جو قتل مذمت جوڳو عمل آهي شهيد صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پورو ملڪ سراپا احتجاج بڻيل آهي پر حڪومت قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ صحافين کي تعفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي صحافت جي حوالي سان پاڪستان دنيا ۾ خطرناڪ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي اچي چڪو آهي جنهن سان حڪومتي ناڪامي ثابت ٿي رهي آهي جنهن ڪري صحافي برادري ۾ غم ۽ ڪاوڙ جي صورتحال قائم آهي اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته شهيد ص حافين جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري صحافين کي تعفظ فراهم ڪيو وڃي.
-
صحافي تڪليفن جي عڪاسي ڪندا آهن جيڪي ڀوتارن کي نٿي وڻي: نواز خان زنئور
ميرپوربٺورو (ن ع آ) ميرپوربٺورو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته صحافي نصرالله گڏاڻي کي شھيد ڪندڙ کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي مظلومن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ نصرالله کي شھيد ڪيو ويو صحافي سورن تڪليفن جي عڪاسي ڪندا آھن اھا عڪاسي سنڌ جي ڀوتارن کي نٿي وڻي انھي ڪري انھي آواز کي ماٺو ڪرائڻ لاءِ جان محمد مھر عريز ميمڻ کان وٺي نصرالله تائين ڪيترائي آواز ننڊ سمھاريا ويا آھن.