شهيد ڀوتارڪي نظام خلاف وڙهندي سر قربان ڪيو: اي جي پي

حيدرآباد (پ ر) بهادر صحافي نصرالله گڏاڻي ڀوتارڪي نظام جي خلاف وڙهندي سر قربان ڪري ويساهه قائم ڪيو. اهڙا بهادر انسان ورلي پيدا ٿيندا آهن، شهيدن جي روايت کي پنهنجي خون جو ريج ڏئي تاريخ ٺاهي ويو. کيس سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ۽ شهيد صحافي نصرالله جي بيگناهه قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اهو اظهار  عوامي جمهوري پارٽي جي صدر خادم ٽالپر، ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، نور نبي راهوجو، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، ڪليم ملڪ، پرويز ابڙو ۽ نثار چنه پنهنجي جاري ڪيل مذمتي بيان ۾ ڪيو. هنن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جو خون سرداري نظام ۽ انهن جي سرپرستن جي منهن تي ڪارنهن آهي جيستائين اسان جي سنڌ تي هي جاگيرداڻي نظام مسلط رهندي تيستائين شهيد نصرالله گڏاڻي جهڙا جنگ جوان ڪسندا رهندا مائن جون جهوليون خالي ٿينديون رهنديون۔ اسين سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا ته شهيد نصرالله جا قاتل گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.