صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل کليل دهشتگردي آهي: صنعان قريشي

حيدرآباد (رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي  چيو آھي ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، ڪير به محفوظ ناهي، سرڪار ڪٿي به نظر نٿي اچي، ماڻهو غير محفوظ آهن. سکر جي بهادر صحافي جان محمد مهر جي قتل بعد ميرپور ماٿيلو جي بهادر صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل به کليل دهشتگردي آهي،شهيد صحافي جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪجي ٿو، شهيد صحافي جا قاتل گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي ۽ شهيد صحافي جي ٻچڙن جي تعليم، تربيت، جو سرڪار کي مڪمل بندوبست ڪرڻ گهرجي.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.