حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي شھيد نصرالله صحافي جي قتل واقعي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي واقعي جي حق ۽ سچ جو قتل قرار ڏيندي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ حق ۽ سچ لکندڙ صحافين جي ٽارگيٽ ڪري قتل پيو ڪيو وڃي. جيڪي صحافي سچ لکن ٿا، پنھنجي ضمير موجب لکن ٿا، انھن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي. حادثن، قبيلائي جھيڙن ۽ ٻين سازشن ذريعي صحافين کي اغوا يا قتل ڪرايو وڃي ٿو.