لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل تي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث ڪردارن توڙي سهولتڪارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، جڏهن ته صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل حق ۽ سچ جي آواز دٻائڻ ۽ ازاد صحافت جو قتل آهي، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل تي تمام گهڻو افسوس آهي، جي يو آءِ سندس وارثن سميت سموري صحافي برادري سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿي. هنن چيو ته صحافي نصرالله گڏاڻي کي ملڪي ادارن، حڪمرانن، سردارن ۽ وڏيرن کي آئينو ڏيکارڻ جي سزا ڏني وئي آهي.