ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ پاران صحافي نصرالله گڏاني جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل بيان موجب چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سنڌ حڪومت صحافي نصرالله گڏاڻي جي خاندان ۽ صحافي برادري سان گڏ آهي. سنڌ حڪومت مرحوم صحافي نصرالله گڊاني جي گهرڀاتين جي هر ممڪن مدد ڪندي. الله پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.