سانا طرفان صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي مذمت، عدالتي جاچ جو مطالبو

واشنگٽن ڊي سي (پريس رليز) سانا طرفان ميرپور ماٿيلو ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي ڀرپور مذمت ڪندي سندس قتل جي  عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.  سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ امريڪا (سانا) جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو، جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر ۽ انفارميشن سيڪريٽري افتخار ميمڻ گڏيل بيان ۾ قتل ڪيل صحافي جي خاندان ۽ سنڌ جي صحافتي سٿ سان تعذيت جو اظھار ڪيو آھي. سانا جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته سنڌ ۾ بد امني ھٿ وٺي پيدا ڪئي پئي وڃي، ھڪ پاسي ڌاڙيل راڄ کي کلي ڇوٽ آھي، ٻئي پاسي عوام ۽ قوم جي حقن لاء آواز اٿاريندڙن کي سري عام قتل ڪيو پيو وڃي.  سانا ملڪي توڙي عالمي انساني حقن جي ادارن کي اپيل ٿي ڪري ته پاڪستان ۽ ان جي صوبن ۾ ٿيندڙ بيگناھ قتل عام تي آواز اٿارين. شھيد نصرالله گڏاڻي جھڙن بھادر صحافين کي سماج جي وڌيڪ ضرورت آھي، ملڪ جي اندر سول ادارا اڳ ئي ڪمزور آھي، صحافين کي قتل ڪرڻ جو مقصد شھرين جي آواز کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ اندر خوف جو راڄ قائم ڪرڻ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.