ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل واري واقعي خلاف صحافين جو احتجاج، واڪ آئوٽ، حڪومت پاران انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري، سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي صدر ڪامران رضي ۽ سيڪريٽري اڪرم بلوچ جي اڳواڻي ۾ پريس گئلري ۾ ميرپور ماٿيلي ۾ حملي ۾ مارجي ويل عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ بينر کڻي احتجاج ڪيو، بينرن تي قتل جي مذمت ۽ قاتلن جي گرفتاري جا مطالبا هئا، صحافين قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي، ان دوران اسپيڪر اويس قادر شاهه نوٽيس وٺندي پارلياماني ۽ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار کي هدايت ڪئي ته هوصحافين سان ڳالهيون ڪري ان بعد گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ سنيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صحافين وٽ پريس گئلري ۾ پهچي ڳالهيون ڪندي صحافين کي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو، صوبائي وزيرن صحافين کي خاطري ڪرائي ته صحافي جي خون سان انصاف ڪيو ويندو، ضياءَ الحسن لنجار چيو ته 3 شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، اميد آهي ته هفتي ۾ اصل قاتلن تائين پهچي وينداسين، في الحال گرفتار ٿيلن کان جاچ هلي پئي، هن چيو ته صحافي جي ڪيس ۾ جيڪا به اڳڀرائي ٿيندي ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو، ان موقعي تي سنيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت شهيد صحافي نصرالله جي پونئرن جي ڀرپور مالي مدد ڪرڻ سان گڏ صحافي جي اولاد کي معياري تعليم ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندي، ، ٻئي طرف ايوان ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته صحافين کي خاطري ڪرائي آهي ايوان کي به آگاهه ڪيان ٿو ته صحافي جي ننڍڙن ٻارن جي تعليم ۽ ٻيا خرچ به سنڌ سرڪار برداشت ڪندي.