شهيد نصر الله کي ساڃاهه وند سرتين پاران جمن دربدر جي سٽن ۾ ڀيٽا

حيدرآباد: سنڌ جي بهادر ۽ ارڏي صحافي عوامي آواز ميرپور ماٿيلي جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي پنهنجي اباڻي شهر ڏانهن ٿيل آخري سفر دوران عورتن آلين اکين ۽ سڏڪن سان گلن جي ورکا ڪندي سنڌ جي يگاني  شاعر ۽ قومي ڪارڪن جمن دربدر جي شاعريء جون هي سٽون”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو” جهونگاري کيس لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي. عورتن پاران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي ڏنل اهڙي ڀيٽا واري وڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي ڏٺي پئي وڃي جنهن تي وڏي تعداد ۾ ماڻهن ڪمنٽس جي ذريعي پنهنجو درد بيان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.