شهيد نصرالله جي قتل خلاف سنڌ سراپا احتجاج، ڀوتارڪي نظام خلاف نفرت جو اظهار

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) روزاني عوامي آواز ميرپورماٿيلو جي جاکوڙي ۽ بھادر صحافي نصرالله گڏاڻي جي شهادت واقعي خلاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي. قلم ڌڻين، سياسي سماجي ڌرين، سول سوسائٽي ۽ ساڃاهه وندن پاران مختلف شهرن ۾ ريليون، ڌرڻا ۽ احتجاجي مظاهرا  رڪارڊ ڪرايا ويا آهن. ان ڏس ۾ گڏ ڪيل رپورٽن موجب، ميرپورماٿيلو ۾ ڪاروبار بند ڪري قومي شاهراهه بلاڪ ڪيو ويو، سرحد ۾ سياسي سماجي ۽ صحافي ڌرين پاران شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري جي ٽي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جروار شهر به سوڳ ۾ بند ڪيو ويو، گهوٽڪي ۾ به شهرين ڪاروبار بند ڪري نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري جي گهر ڪئي وئي، دادلغاري، رونتي، ريتي، ۽ رهڙڪي شهر به سوڳ ۾ بند ٿي ويا، اوٻاوڙو ۾ به شهرين ڪاروبار بند رکي شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گهر ڪئي، ڪمون شهيد، ۽ مريد شاخ توڙي مومل جي ماڙي ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، خانپورمهر، عادلپور ۽ قادرپور ۾ به صحافين احتجاجي مظاهرا ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيو ٻڌي احتجاج ڪري شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، هوڏانهن دادو ۾ پريس ڪلب جي صدر صابر ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي کي صحافي نظام شيخ، ولي چانڊيو، سرور جلال سولنگي، نياز چانڊيو، فتاح شيخ، رضوان غني منگي، گلشير سولنگي، رباني بلوچ، دانش خشڪ، آصف علي سومرو، لياقت علي ملڪ، ڪامران ڪورائي، مصطفيٰ پنهور، مشتاق شاهاڻي، ديدار شيخ، عزيزالله خاصخيلي، الله بخش خشڪ، جاويد لغاري، سخي سردار چارڻ، نديم شاهاڻي، رفيق احمد چنه، ظهير چانڊيو، عاشق دادوي، بشير مگسي، روشن ميمڻ، عادل ڀنڊ ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته ڪنڌڪوٽ ۾ پريس ڪلب اڳيان سنڌ بار، جسقم جساف، ڌرتي ڌڻي تحريڪ پاران احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪرايا ويا، ٻئي طرف ڪشمور ۾ صحافي دليپ ڪمار ڪيسواڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪشمور اڳيان قلم ڌڻين پريس ڪلب صدر غلام فريد ڄامڙو، محمد شريف ڄامڙو ، ماجد علي مزاري، احمد علي سيال، تاج کوسو، ڄام اصغر چاچڙ سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شهر واسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جڏهن ته خيرپور ۾ قلم ڌڻين ۽ سول سوسائٽي پاران قومي شاھراهه کي بلاڪ ڪري پٽ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ شھيد صحافي جي قاتلن، سھولتڪارن ۽ گھوٽڪي ضلعي جي پوليس جي نااھلي خلاف نعريبازي ڪئي وئي. هوڏانهن ڪورنگي ۾ ڪورنگي پريس ڪلب جي صحافين پاران احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ويو، ٻئي طرف ڪوٽڙي ۾  ڄامشورو بار جي صدر نورالامين سپيو مير مڱريو فهيم انڙ جاويد ڪوهستاني جي اڳواڻي ۾ وڪيلن احتجاجي مطاهرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي.ملير ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافين، وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ قومپرست ڌرين جي اڳواڻن پاران گڏيل احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڌرڻي ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو، عوامي جمهوري پارٽي جي رشيد سڌايو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي خير محمد مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي فياض اُتيرو، ايس يو پي جي منظور ابڙو، سنڌي ادبي سنگت جي اصغر باغي، سينيئر ايڊووڪيٽ خالد شر سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ قلم ڌڻين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مانجهند ۾ صحافي ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران هڪ ڪلوميٽر ريلي ڪڍي وئي ۽ انڊس هاءِ تي تتل روڊ تي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  يوسف عمراڻي، گلزار ملاح، يعقوب ڪوريجو، محرم خاصخيلي ،لياقت ملاح ، ساجد ملاح سياسي اڳواڻن بابل لطيف کوسو اڪرم کوسو، الطاف ميمڻ، امير بخش خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ بڻيل آھن. ميرپورخاص ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن لالا اظهر، عبيد بنگلاڻي ۽ ٻين چيو ته حق سچ لکندڙ صحافين کي شهيد ڪرڻ ۽ سندن گھرن تي حملا معمول بڻجي ويو آهي. ميرپوربٺورو  ۾ امتياز علي سومرو، آڪاش زئور، نعمان شورو ،عبدالغني ملاح غفور ميمڻ، ڪريمداد چانڊيو، شوڪت سومرو، انتظار کٽي، سچل شورائي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحافين ۽ سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. سوڀي ديري ۾ پريس ڪلب صحافين ۽ سول سوسائٽي يونين آف جرنلسٽس تعلقي سوڀوديرو جي ورڪنگ ڪاميٽي جي چيئرمين اورنگزيب پيرزادو۔سينئر نائب صدر ظھور حسين ڄامڙو،  جمال محمود کھڙو، پريس ڪلب جي صدر لال ڏنو ملاح، امدادحسين اوٺي، فضل محمد منگي، زاھد سامٽيو، علي بخش سولنگي، منظور سنڌ، استاد لالڻ چنا، علي بخش شيخ، فريد عباسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو. ميرپور ساڪري ۾ عبدالرزاق ڪلمتي، غلام سرور ڪلمتي، صاحب خان ڪلمتي، قادر جوڻيجو، اقبال ڪلوئي، مجاھد بلوچ، ظھير لاشاري، شڪيل بلوچ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو. نصيرآباد ۾  صحافين جبار آزاد منگي، بشيراحمد بروهي، احمد بخش ڏيپر، رشيد مسن، راجا لاشاري ۽ عبدالمجيد بروهي سميت شھري اتحاد جي صدر معشوق ڦلپوٽو، جنرل سيڪريٽري عنايت تنيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪاريو. نئين دمبالي ۾ امتياز آرائين ۽ ٻين صحافين نورحسن لاشاري، شاهد علي راجپوت، قادربخش ڪورائي، امتياز ڪورائي، محبوب کوسو، سڪندر راجپوت، احمد آرائين، جمن درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. نوشهري فيروز ۾ يونس راڄپر، ايم ظفر تڳر، مولابخش مشوري، عتيق الرحمان وسطڙو، خالد چانڊيو، شاھد کوکر،حبدار مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نوابشاهه ۾ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري محمد اسماعيل ڊومڪي، اڪرم چانڊيو، ڪاشف ابڙو، ايم بي چانڊيو، طالب رند، مزمل چانڊيو، اعظم ڀٽي، سمير شاھاڻي، شعبان خاصخيلي، دائود شاھه، وحيد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊو محمد خان ۾  پريس ڪلب جي صدر مظفر رند  ‘ سينئير صحافي رمضان شورو ‘ صديق ڇيپا ‘ قادر شورو ‘ايوب باگراڻي ‘ زاھد قريشي ‘ عامر جان، شير چشتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ٺٽي ۾ ايڇ يو جي ضلعي صدر منصور جلالاڻي، پريس ڪلب ٺٽو صدر اقبال جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو، احتجاج ۾ سينيئر صحافين ڊاڪٽر شاھد صديقي، اسماعيل ميمڻ، عبدالوھاب شيخ، رشيد جاکرو، مرتضيٰ ميمڻ، رحمت الله ڇٽو، جاويد لطيف ميمڻ، حاجن سولنگي، محمد ايوب ملاح، يوسف دايو، عزيز جوڳي، اي بي شورو، شيراز واريو، اياز جلالاڻي، شھمير سميجو، اظھار جاکرو، عرفان شيخ سميت ٻين شرڪت ڪئي. ٺل، وڳڻ، سوڀو ديرو سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪرايا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.