بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين جي شهرن ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي خبر بعد ڏک جي لهر پکيڙجي وئي، ٻئي طرف پريس ڪلب بدين جي صدر تنوير آرائين، ايوان صحافت بدين جي صدر لالا ھارون گوپانگ، غلام مصطفيٰ جمالي، حاجي خالد محمود گھمڻ، عبدالمجيد ملاح، شفيح محمد جوڻيجو، اختر علي کوسو، نصرت جعفري، علي محمد شاھاڻي، ايڇ يو جي بدين جي يونٽ عطا چانڊيو، شوڪت ميمڻ ۽ رازق ڏنو کوسو نصرالله جي موت تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو آھي ته قلم دٻائڻ جي سازش تيزي سان جاري آھي وڏيرا سياسي ڀوتار قلم ڌڻين کي روڊ رستن تي گوليون ھڻي حق ۽ سچ کي دٻائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن اسان کي لاشن مٿان لاش ڏنا پيا وڃن.