سنڌ ڌرتي کي صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻايو ويو آهي: ايڇ يو جي

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس  ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي  قاتلن جي جلد کان جلد گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي ـ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس  جي مرڪزي اڳواڻن خالد کوکر، لالا رحمان سمون، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس  جي صدر اقبال ملاح، سيڪريٽري  جئه پرڪاش موراڻي ۽ خزانچي جاني خاصخيلي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي ڌرتي کي صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻايو ويو آهي، شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري ۾ پوليس ۽ انتظاميا جي سستي ۽ لاپرواھي  سبب صحافي دشمن قوتن جي ھمت وڌي ۽ انھن ھڪ ٻئي ارڏي صحافي جي ڏينهن ڏٺي جو حياتي کسي ورتي آهي،ـ جيڪڏهن اھا حڪومتي روش قائم رھي ته صورتحال انتھائي خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي شھيد نصر الله گڏاڻي جي تدفين ۾ شرڪت لاءِ ايڇ يو جي جي صدر اقبال ملاح جي قيادت ۾ وفد ميرپور ماٿيلي روانو ٿي ويو آهي، ايڇ يو جي شھيد نصر الله گڏاڻي جي قتل تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ٿي، ان دوران پريس ڪلبن تي ڪارا جھنڊا چاڙھيا ويندا ۽ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.