ڪراچي ۾ هيلٿ ڪيئر ايڪسپو ۽ اينڊ ڪانفرنس، اردو يونيورسٽي اسٽال لڳايو

ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر صابطا خان شنواري، صدر بائيو ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر منزا دانش اعجاز ۽ ڪمپيوٽر سائنس شعبي جي صدر ڊاڪٽر محمد صارم جي سرپرستي ۾ 21 کان 23 مئي 2024 تائين بائيو ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ريسرچ سينٽر تحت ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿييل سائنسي نمائش ۾ اسٽال لڳايو ويو.

هن نمائش کي هيلٿ ڪيئر ايڪسپو ۽ اينڊ ڪانفرنس 2024 جي عنوان سان ڪوٺايو ويو جنهن ۾ اردو يونيورسٽي جي اسٽال جي انتظام جا فرض بائيوٽيڪنالاجي شعبي جي ڊاڪٽر سدره شاهين انجام ڏنا. نمائش ۾ مختلف يونيورسٽين، ميڊيڪل ڪاليجز، صنعتڪارن ۽ فارماسسٽ شرڪت ڪئي ۽ اسٽالز لڳايا.

نمائش ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي بائيو ٽيڪنالاجي ڊيپارٽمينٽ جي شاگردن مختلف سائنسي پوسٽرز کي لڳايو جنهن ۾ هٿرادو ذهانت کي استعمال ڪندي طبي مسئلن جي سڃاڻپ ۽ علاج جي طريقيڪار کي اجاڳر ڪيو ويو.

يونيورسٽي جي اسٽالز جو دورو ڪندڙ مهمانن استادن ۽ شاگردن پوسٽرز جي ساراهه ڪئي ۽ مستقل ۾ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي.

وفاقي اردو يونيورسٽي جي انچارج گلشن ڪيمپس ۽ ڊين فيڪلٽي آف سائنس محمد زاهد ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر ساجد جهانگير ۽ ڊاڪٽر محمد صارم اسٽالن جو دورو ڪيو.

هنن ڊاڪٽر سدرا شاهين ۽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ۽ اهڙيون نمائشون ڪرائڻ جي تجويز پيس ڪئي.

هنن تحقيق کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ مستقبل ۾ پنهنجي ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي جنهن سان شاگردن ۾ وڌيڪ اعتماد پيدا ٿيو ۽ سندن حوصلو بلند ٿيو.

نمائش دوران ملڪ جي مقبول شخصيت جي ڊي سي اين جي او جي اڳواڻ ظفر عباس بائيو ٽيڪ اسٽال جو دورو ڪيو، شاگردن جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.