ڇا شارخ خان واقعي ۾ 8 لک رپين جو چاڪليٽ کاڌو؟

بالي ووڊ ڪنگ شارخ خان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ان وڊيو ۾ شارخ خان ۽ ان جي مينيجر پوجا ددلاني کي دبئي جي ڪرڪيٽ گرائونڊ انٽرنيشنل ٽي 20 ليگ جي هڪ مئچ دوران چاڪليٽ کائيندي ڏٺو ويو.
ان وڊيو کي ديوناش سيٺي نامي هڪ ڪانٽيڪٽ ڪريئٽر فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ٻيهر شيئر ڪيو ۽ گڏوگڏ اها به دعويٰ ڪئي ته وڊيو ۾ شارخ خان لگزري چاڪليٽ ڪمپني سوارووسڪي جي چاڪليٽ کائيندي نظر آيو آهي، جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 8 لک 30 هزار ڀارتي رپيا آهن.
ديوناس سيٺي جي اهڙي دعويٰ ڀارتي اداڪار جي پرستارن ۽ ٻين سوشل ميڊيا واهپيدارن کي حيران ڪري ڇڏيو.
جنهن بعد واهپيدارن اهڙي دعويٰ جي ترديد ڪئي ۽ لکيو ته چاڪليٽ سوارووسڪي نه پر هرشيز ڪسز جي آهي جيڪا انتهائي مناسب قيمت ۾ ملي ويندي آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن ديوناش سيٺي کي سوشل ميڊيا تي صرف ويوز ۽ لائيڪس جي ڪوڙيون خبرون شيئر ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو به بڻايو.

ShahRukhKhan KingKhan Showbiz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.