سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌائڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي حڪومت بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پينشنز به ڏهه سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ مالي سال 25_2024 جو بجيٽ پيش ڪيو ويو.
بجيٽ اجلاس 2 ڪلاڪ پندرهن منٽ دير سان شروع ٿيو، اجلاس جي صدارت اسپيڪر بابر سليم سواتي ڪئي.
ڪي پي ڪي جي ناڻي واري وزير آفتاب عالم بجيٽ پيش ڪئي، ان موقعي تي وڏو وزير علي امين گنڊاپور به موجود هو.
صوبائي وزير آفتاب عالم 100 ارب جو سرپلس بجيٽ پيش ڪيو.
آفتاب عالم ٻڌايو ته ٽوٽل آمدني 1754 ارب آهي، جڏهن ته خرچ 1654 ارب رپيا آهن.
بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي، جڏهن ته تعليم لاءِ 362 ارب رپيا، صحت لاءِ 232 ارب رپيا ۽ صحت ڪارڊ لاءِ 34 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.