”نصرالله سڀني جو سڄڻ پر مافيا جو دشمن هو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عوامي آواز جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي وارثن جو چوڻ آهي ته نصر الله گڏاڻي جي ڪنهن سان به دشمني  نه هئي، هو مافيا جو دشمن هيو، سندس قاتلن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي.

نصر الله گڏاڻي جي سالي خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته نصر الله جي ڪنهن سان دشمني نه هئي، هو حق سچ چوڻ وارو صحافي هو.

نصر الله گڏاڻي جي ماءُ جو چوڻ هو ته سندس گهر ۾ رڳو ڪاغذ پيا آهن، هن پنهنجي گهر جي غريبي حال ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته مان کيس حلال روزي تي پاليو آهي، مون کي چوندو هو ته امان مون کي تنهنجي سپورٽ آهي. بيشڪ مان نصر الله کي همٿائيندي هيس.

هن وڌيڪ چيو ته مون کي پٽ تي فخر آهي جو هن شهادت ماڻي آهي، پٽ کي ڄامن ۽ خانن مارايو آهي، اسان جو آسرو الله ۾ آهي، اهو ئي انصاف ڪندو، چاهيان ٿي ته سندس قاتلن کي سزا ملي، نه ته مان به جيئري رهي گهمي نه سگهنديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.