” واميڪا کي ڪرڪيٽ پسند آهي“ ڪوهلي جا پنهنجي نياڻي بابت دلچسپ انڪشاف

ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ۽ اداڪارا انوشڪا شرما جي ٽن ورهين جي نياڻي به ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ويرات ڪوهلي تازو ئي هڪ انٽرويوءَ دوران پنهنجي ڌيءَ واميڪا جي ڪرڪيٽ ۾ وڌندڙ دلچسپي ڏانهن اشارو ڪيو.
هن چيو ته واميڪا ڪرڪيٽ بيٽ هٿ ۾ کڻي ان کي ڦيرائيندي خوشي محسوس ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته سندس نياڻي ڪيريئر جي چونڊ بابت پاڻ ئي فيصلو ڪندي جڏهن ته پٽ بابت ڪوهلي چيو ته هو ٺيڪ ۽ ۽ صحتمند آهي.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي انوشڪا شرما جي شادي ڊسمبر 2017 ۾ اٽلي جي شهر ميلان ۾ ٿي هئي، جوري وٽ جنوري 2021ع ۾ ڌيءَ واميڪا جي پيدائش ٿي هئي، جڏهن ته هلندڙ سال 15 فيبروري تي انوشڪا شرما پٽ کي جنم ڏنو، جنهن جو نالو ” اڪي “ رکيو ويو آهي.

‎Viratkohli AnushkaSharma Wamika

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.