لنڪا پريميئر ليگ:دمبولا ٺنڊرز جو مالڪ ميچ فڪسنگ الزام هيٺ گرفتار

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) لنڪا پريميئر ليگ جي ٽيم دمبولا ٺنڊرز جي مالڪ کي ميچ فڪسنگ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، برطانوي بنگلاديشي شهري تميم رحمان کي سريلنڪن پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
تميم رحمان مٿان لڳايل الزامن جا تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا، لنڪا پريميئر ليگ طرفان گرفتاري کانپوءِ دمبولا ٽيم جي اونرشپ جو معاهدو رد ڪري ڇڏيو آهي.
لنڪا پريميئر ليگ جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ليگ جي ساک کي بچائڻ لاءِ معاهدو ختم ڪرڻ ضروري هو، جيڪڏهن نئين اونرشپ نه ملي ته دمبولا ٽيم جا معاملا ليگ انتظاميا هلائيندي.

lankapremierleague2024 dambullathunder TamimRahman

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.