وزيراعظم شهباز شريف 4 کان 7 جون تائين چين جو دورو ڪندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف 4 کان 7 جون تائين چين جو دورو ڪندو، دوري ۾ ايم ايل ون، سي پيڪ فيز ٽو ۽ دفاعي معاهدا ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ وفاقي وزيرن سميت اعليٰ سطحي وفد به هوندو، دوري ۾ ايم ايل ون، سي پيڪ فيز ٽو ۽ دفاعي معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي.
وزيراعظم جي قيادت ۾ وفد چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم ۽ ٻي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته دوري دوران سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

cpec shahbazsharif pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.