احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پوٽنگ کانپوءِ زمبابوي جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ اينڊي فلاور ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) اڄڪلهه ٽيم جي نئين ڪوچ جي ڳولا ۾ آهي ۽ ان حوالي سان رڪي پونٽنگ سان آءِ پي ايل دوران ڪوچنگ لاءِ رابطو ڪيو ويو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ اينڊي فلاور سان به رابطو ڪيو ويو، جنهن ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته هو ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ طور ڪم ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي.
اينڊي فلاور جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ مون درخواست ناهي ڏني ۽ نه ئي ڏيندس، فلحال سموري ڌيان فرنچائز ڪرڪيٽ تي آهي.
ياد رهي ته اينڊي فلاور پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز جو هيڊ ڪوچ هو جڏهن ته آءِ پي ايل ۾ رائل چئلينجر بئنگلورو جي هيڊ ڪوچ جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي.
RickyPonting IndiaCoaching BCCI AndyFlower