پيمرا ٻڌڻي هيٺ ڪيسن بابت خبرون نشر ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن بابت خبرون هلائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پيمرا موجب ڪنهن به ڪيس جو حتمي فيصلو اچڻ تائين ٽي وي چئنل عدالتي ٻڌڻي جون خبرون نه هلائيندا، ڪيسن بابت رڳو اهي خبرون هلايون وينديون جيڪي عوام جي ڄاڻ لاءِ هجن.
پيمرا طرفان اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن بابت پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
پيمرا جو چوڻ آهي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي حوالي سان پروگرامن ۾ اهڙي گفتگو نه ٿئي، جنهن سان جاچ يا ٽرائل تي اثر پئي.

pemra supremecourtofpakistan shahbazsharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.