انسان کي چنڊ تي کڻي ويندڙ تيز رفتار راڪيٽ تي ڪم شروع

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) انسان کي چنڊ تي کڻي وڃڻ جي حوالي سان بحث صدين کان هلندڙ آهي، ناسا ان کي ممڪن بڻائڻ لاءِ هڪ طاقتور ترين راڪٽ ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ماڻهن کي چنڊ تي پهچائڻ جي چيلينج ۾ سياري مان وزني سامان کڻي وڃڻ جو مسئلو به سامهون آهي، ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن هاڻوڪي راڪيٽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي ته صرف هڪ چڪر لڳائڻ ۾ لڳ ڀڳ 2 سال لڳي سگهن ٿا.
هڪ انتهائي جديد راڪيٽ، پلسڊ پلازما راڪيٽ (پي پي آر) ناسا طرفان تيار ڪيو پيو وڃي، اهو هڪ اهڙو راڪيٽ سسٽم آهي، جنهن کي چنڊ ۾ پري تائين وڃڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، ان سان زمين ۽ چنڊ وچ ۾ سفر وڌيڪ مختصر ٿي ويندو.
ناسا پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اها ٽيڪنالاجي هاڻوڪي خلائي جهاز جي مقابلي ۾ خلابازن ۽ ڪارگو کي چنڊ تي وڌيڪ تيزي سان کڻي وڃڻ ۽ واپس آڻڻ جي ڪم ايندو.
ناسا جو چوڻ هو ته پي پي آر جو مقصد مستقبل ۾ چنڊ تي ڊگهي سفر ۾ انقلاب آڻڻ آهي، اهو ممڪن طور تي چنڊ تائين سفر کي صرف ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪري سگهي ٿو.
راڪيٽ 5000 سيڪنڊ جي مخصوص تسلسل سان 100،000 پاور جي توانائي پيدا ڪرڻ جي قابل هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.