گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر) ميرپور ماٿيلي ۾ عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي کي اڻڄاتل ماڻهو فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، جنهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
نصرالله گڏاڻي مٿان چانڍيا پمپ 2 تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، کيس ٽي گوليون هنيون ويون.
واقعي کانپوءِ ميرپور ماٿيلو پوليس پھچي صحافي کي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو، جتان حالت نازڪ ھجڻ سبب کيس رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو.
شيخ زيد اسپتال جي ڊپٽي ايم ايس سرجن مظفر علي ٻڌايو ته نصرالله گڏاڻي جي حالت خطري ۾ آهي.
هوڏانهن صحافي برادري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جوابدارن جي جلد گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.
ghotki mirpurmathelo sindh