نصرالله گڏاڻي جي حالت نازڪ، ايئر ايمبولينس جي ضرورت، سنڌ حڪومت موٽ نه ڏني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قاتلاڻي حملي کانپوءِ عوامي آواز ميرپور ماٿيلي جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي ۽ ايئر ايمبولينس جي ضرورت آهي پر سنڌ حڪومت ڪا موٽ نه ڏني.
واضح رهي ته ميرپور ماٿيلي ۾ عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي کي اڻڄاتل ماڻهو فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا هئا، جنهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
نصرالله گڏاڻي مٿان چانڍيا پمپ 2 تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، کيس ٽي گوليون هنيون ويون.
واقعي کانپوءِ ميرپور ماٿيلو پوليس پھچي صحافي کي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو، جتان حالت نازڪ ھجڻ سبب کيس رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو.
شيخ زيد اسپتال جي ڊپٽي ايم ايس سرجن مظفر علي ٻڌايو ته نصرالله گڏاڻي جي حالت خطري ۾ آهي.
نصرالله گڏاڻي کي ڪراچي شفٽ ڪرڻ لاءِ ايئر ايمبولينس جي ضرورت آهي پر سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڪا موٽ ناهي ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.