دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي فارميٽ ۾ ڦيرڦار تي غور شروع ڪيو ويو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪربز جي رپورٽ موجب، چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي مستقبل جي حوالي سان آءِ سي سي هيڊ ڪوارٽرز ۾ براڊ ڪاسٽرز سميت اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته چيمپيئنز ٽرافي ون ڊي بدران ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت ڪرائي وڃي، ان ڏس ۾ جواز پيش ڪيو ويو ته 2019ع واري ون ڊي ورلڊ ڪپ کانپوءِ هڪ ڏينهن واري ميچن ۾ تماشائين جي انگ ۾ ويهه سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته براڊ ڪاسٽرز اشتهار سبب ون ڊي فارميٽ کي ترجيح ڏيندا آهن پر سلاٽس جي وڪرو جو امڪان گهٽ هوندو آهي.
رپورٽ موجب، پاڪستان ۾ شيڊيولڊ ميگا ايونٽ ايندڙ سال فيبروري ۽ مارچ جي وچ ڌاران ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته انتظاميا لاءِ وڏو چئلينج اٺ ٽيمن جي ٽورنامينٽ لاءِ مختص ڪيل 17-18 ڏينهن جي ونڊو تلاش ڪڻ آهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ون ڊي فارميٽ تحت نشرياتي حق وڪرو ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته فارميٽ جي تبديلي لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان رابطو ڪرڻو پوندو.
ٻئي پاسي آءِ سي سي جي اعليٰ اختيارين چيمپيئنز ٽرافي 2025ع کي ون ڊي فارميٽ تحت ئي ڪرائڻ جو پهه ڪري ورتو آهي.
You might also like