ڊاڪٽر راغب نعيمي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف زرداري ناليواري مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر راغب نعيمي کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو، قانون ۽ انصاف واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي نعيميه يونيورسٽي لاهور جو مهتمم آهي، هو متحده علما بورڊ پنجاب جي چيئرمين سان گڏوگڏ قرآن بورڊ پنجاب ۽ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو ميمبر به آهي.
ڊاڪٽر راغب نعيمي پنجاب يونيورسٽي ۽ زرعي يونيورسٽي جو سنڊيڪيٽ ميمبر به آهي، کيس تازو ستارا امتياز سان به نوازيو ويو هو.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڊاڪٽر قبله اياز اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين هو، جنهن جي عهدي جو 3 سالن جو مدو اپريل ۾ ختم ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.