منشيات کي پاڙئون پٽڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو وڏو قدم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اسڪولن ۾ وڃي ٻارن جي منشيات ٽيسٽ جو منصوبو تيار ڪري ورتو.
نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته اسڪول ننڍو هجي يا وڏو ٻارن جون رينڊم ٽيسٽون ڪنداسين.
هن چيو ته بل سنڌ ڪابينا ۾ آندو پيو وڃي، جنهن ٻار جي ٽيسٽ هاڪاري آئي ان کان پڇا ڳاڇا ڪري منشيات فروشن تائين پهچنداسين.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جو فوڪس ڪرسٽل ۽ آئس تي آهي.

sharjeelmemon sindhgovt ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.