راولپنڊي مان اغوا ڄاڻايل 2 ٻارڙيون ڪراچي مان بازياب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ ست مهينا اڳ اغوا ٿي ويل ٻارڙين کي ڪراچي مان بازياب ڪرايو ويو.
پوليس موجب راولپنڊي جي علائقي غازي آباد وٽان 2 ٻارڙيون مبينا طور اغوا ٿي ويون هيون.
پوليس ٻڌايو آهي ته اغوا جو ڪيس 7 مهينا پهريان داخل ڪيو ويو هو پر هڪ ٻارڙي ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ قائم ٿاڻي ۽ ٻي نجي شيلٽر هوم مان ملي.
پوليس وڌيڪ چيو ته قانوني ڪارروائي بعد ٻارڙين کي راولپنڊي پوليس ۽ سندن والدين جي حوالي ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.