قوم کي گهڻا دلاسا ڏناسي پر هن ڀيري ورلڊ ڪپ کٽڻو آهي: شاهين آفريدي

قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ٽِي ٽوئنتي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي فاتح ٽيم ڏسڻ چاهيون ٿا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي شاهين آفريدي چيو ته مان هن وقت مڪمل فٽ ۽ ورلڊ ڪپ لاءِ تيار آهيان.
هن ٻڌايو ته اسان ماڻهن کي اهو چئي چئي ٿڪي پيا آهيون ته ورلڊ ڪپ کٽينداسين، پر انشاءَ الله هن ڀيري ورلڊ ڪپ کٽي ڏيکارينداسين.
فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته هي وقت ڪنهن به بحث جو ناهي اصل مقصد حاصل ڪرڻ آهي، ڪوشش ڪنداسين ته ٽيم اميدن تي پورو لهي، 2022ع جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انجري سبب ٽيم جو ساٿ نه ڏئي سگهيو هيس جنهن تي گهڻو افسوس آهي پر هن ڀيري ڪجهه نئون ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ ورلڊ ڪپ کٽي واپس اينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.