ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پگهر اچڻ سان اسان کي ڏکيائي محسوس ٿيندي آهي، ڪجهه ماڻهن کي وڌيڪ پگهر ايندو آهي ۽ ڪجهه کي گهٽ، موسم جي اثرن يا اس ۾ پگهر وڌيڪ اچن شروع ٿي ويندو آهي.
اهڙا ماڻهو جيڪي پگهر جي ڪري پريشان رهندا آهن انهن کي ڄاڻڻ گهرجي ته کل جي مسامن مان خارج ٿيندڙ اهو نمڪين پاڻياٺ جسم کي ٿڌو رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو
اها ڳالهه درست آهي ته سڀ کان وڌيڪ انسان کي ئي پگهر ايندو آهي، سائنسدانن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته انسانن ۾ 2 ميٽر کان 4 ميٽر وڌيڪ پگهر جا غدود هوندا آهن.
عام تاثر آهي ته عورتن ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پگهر جا غدود هوندا آهن پر تحقيق چوي ٿيته ڪنهن به جنس کي ٻي جنس کان وڌيڪ پگهر ناهي ايندو.
اوهان جي پگهر جو مقدار جنس جي ڀيٽ ۾ جسم جي بيهڪ ۽ شڪل تي هوندو آهي.
هڪ تحقيق موجب پگهر جي بدبوءِ سان مردن ۽ عورتن وچ ۾ فرق ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.
محققن 60 رضاڪارن کي چيو ته هو 10 منٽن تائين پنهنجي ڌوتل هٿن ۾ ڪپهه نپوڙين، پوءِ ان ڪيميائي پروفائل سان ڪنهن شخص جي خوشبو ذريعي صنف جي سڃاڻپ ڪن.
97 سيڪڙو ماڻهن صنف ۾ فرق ڳولي ورتو.
اسان جي جسم ۾ پگهر جا غدود مختلف جاين تي هوندا آهن پر اسان جي بغلن، چيلهه ۽ ڀرپاسي ۾ کل مان خارج ٿيندڙ پگهر جي بوءِ مختلف هوندي آهي.
پگهر اچڻ شرم جوڳو محسوس ٿي سگهي ٿو پر اهو اسان جي جسم جو ڪولنگ سسٽم آهي، جيڪڏهن پگهر اچڻ بند ٿي وڃي ته هيٽ اسٽورڪ جهڙا خطرا موت جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
پگهر بنيادي طور تي رت جي پاڻياٺ وارن حصن سان ٺهندو آهي، جهڙي خوراڪ هوندي، اهڙو پگهر هوندو.
پگهر جي جاچ سان ڪيفين، شراب، ڪوڪين يا مصالحي شين جي جسم ۾ موجودگي جي خبر پئجي سگهي ٿي.
بدقسمتي سان اسان وٽ مڇر به ٻين جيتن سان گڏ انساني پگهر ڏانهن راغب ٿيندا آهن.
جيتن کي لوڻ ۾ سوڊيم جي ضرورت هوندي آهي، ٻين ماڻهن جيان اسان جي نمڪين پگهر سان انهن جي ضرورت پوري ٿيندي آهي.
مختلف تحقيقن باوجود اڄ تائين پگهر ۾ بوءِ جو سبب دريافت ناهي ٿي سگهيو.
جيڪڏهن اوهان کي پگهر جي بوءِ مان ڇوٽڪارو کپي ته ان جو واحد حل ٽرانسپلانٽ آهي.
ليبارٽري ۾ بغلن جي مائڪروبائيوم ٽرانسپلانٽ جو تجربو ڪيو ويو هو جنهن ۾ بدبوءِ دار مادن جي جاءِ تي ٻيا مادا استعمال ڪيا ويا، انهن کي عطيو ڪرڻ جو فرد اوهان جو ويجهو مائٽ هجڻ ضروري آهي.
پگهر ۽ بوءِ کي روڪڻ جو بنيادي طريقو 120 سالن کان تبديل ناهي ٿيو، گهڻو ڪري فارموليشن اڃا به ايلومينيم لوڻ تي ٻڌل آهن جيڪي پگهر جي مسامن کي بند ڪن ٿا. مستقبل ۾ متبادل طريقا اچي سگهن ٿا.
هٿرادو پگهر جي هڪ باقاعده صنعت موجود آهي جنهن ۾ سڀني قسمن جو پگهر ملي ٿو، هي صنعت انهن ڪمپنين لاءِ مددگار آهي جيڪي اهي تحقيق ڪن ٿيون ته ڪيئن پگهر سندن ڪپڙن، جورن، زيورن، موسيقي جي اوزارن ۽ فون ۽ ٽيبليٽ کي خراب ڪري ٿو.
صحت جي ماهرن موجب پگهر جسم مان گندگي کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا مدد ناهي ڪندو، ان لاءِ سوانا باٿ تي پيسا خرچ ڪرڻ به اجايو آهي، اڪثر ماڻهو سوانا باٿ ڪري سمجهندا آهن ته سندن باڊي ڊيٽاڪس ٿيندي آهي جڏهن ته اهو غلط تاثر آهي.
1485 ۽ 1551 دوران برطانيا کي بدبو دار پگهر جي ڪري پکڙجندڙ وبا تباهه ڪري ڇڏيو هو جنهن جي ڪري محقق هيل تائين اڻ ڄاڻ آهن.
ٻين ماڻهن جي پگهر کي سنهگڻ معاشرتي پريشاني گهٽائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. اسٽاڪ هوم جي ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ طرفان هلندڙ سال جي شروعاتي تحقيق ۾ چيو ويو هو ته اڻڄاڻن جي پگهر کي سنهڻ سان سماجي پريشاني کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
خلا ۾ پگهر بخار ناهي بڻبو، کل مان گهم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪشش ثقل کانسواءِ پگهر موجود رهندو آهي،جيستائين اوهان ان کي هٽائي نٿا ڇڏيو.
پگهر خشڪ ڪرڻ لاءِ خلابازن کي ٻي حڪمت عملي جو استعمال ڪرڻو پوندو آهي جن ۾ خاص ڪولنگ انڊرويئر ۽ پگهر کي جذب ڪندڙ هيڊ بينڊ ۽ دستانا شامل آهن.
ڊپ وچان ايندڙ پگهر مختلف هوندو آهي ۽ اسان ان کي سنگهي سگهون ٿا، جڏهن اسان ڊڄندا آهيون ته اسان کي جيڪو پگهر ايندو آهي ان جي ڪيميائي ساخت ان کان مختلف هوندي آهي جيڪا گرم جسم مان پگهر خارج ٿيندي وقت ٿيندي آهي.
يوتريخت يونيورسٽي جي اسميل ليب جي محققن انهن مردن جانمونا گڏ ڪيا جيڪي ڀوائيون فلمون يا غير جانبدار شو ڏسندا هئا.
ڀوائتي فلم ڏسڻ وارن جي گروپ مان گڏ ڪيل پگهر جي ڪيميائي ساخت ٻين کان مختلف هئي.
#sweatforhealth #sweatbenifits #womenshealth