ٽِي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏني وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽِي ٽوئنتي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
پاڪستان ميگا ايونٽ ۾ شرڪت واري واحد ٽيم آهي جنهن هن محل تائين قومي ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ناهي ڪيو.
قومي ٽيم جي 15 رڪني اسڪواڊ ۽ ٽي ريزرو رانديگرن تي مشتمل ٽيم جو اعلان انگلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي بعد ڪيو ويندو.
ذريعن موجب انگلينڊ جو دورو ڪرڻ واري 18 رڪني ٽيم ۾ 3 رانديگر حسن علي، عرفان نيازي ۽ سلمان علي آغا ورلڊ اسڪواڊ جو حصو نه هوندا، کين ٽريول ريزروو طور اسڪواڊ ۾ رکيو ويندو.
ڪپتان بابر اعظم، ابرار احمد، اعظم خان، حارث رئوف، افتخار احمد، عماد وسيم، عباس آفريدي، محمد رضوان، نسيم شاهه، صائم ايوب، شاداب خان، شاهين آفريدي ۽ عثمان خان تي مشتمل ٽيم جو اسڪواڊ جاري ڪرڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.
ذريعن ٻڌايو آهي ته حتمي اعلان پي سي بي سربراهه محسن نقوي جي منظوري بعد ٿيندو.
قومي ٽيم انگلينڊ خلاف سيريز بعد ورلڊ ڪپ لاءِ پهرين جون تي لنڊن کان آمريڪي رياست ڊيلس رواني ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.